222

معاشري لاءِ ڏينهون ڏينهن ناسور بڻجندڙ بنياد پرستي…

ليکڪ: طفيل مگسي

بنيادپرستي ۽ انتها پسندي جي اصل پاڙ رجعت پسندي ئي آھي. پر حقيقت اها آھي ته رجعت پرستي جي بدترين شڪل بنياد پرستي آھي ۽ بنياد پرستي جو ڀيناڪ مهانڊو ۽ خطرناڪ پاسو انتهاپسندي آھي، جنهن اڄ سڄي دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جو پڪو پهھ ڪري ڇڏيو آھي ۽ انسانيت کي تباهي ۽ بربادي جي ڪناري تي رسائي ڇڏيو آھي، جيڪو اڄ جي دنيا کي ماضي جي مزار ۾ بدلائڻ جو ايجنڊا آھي، جنهن جي قيادت ۽ اڳواڻي ترقي يافتا قوتون ڪري رهيون آھن، ان ڪري هن ڳالهھ ۾ ڪنهن کي به ڪنهن به قسم جو شڪ نه هئڻ گهرجي ته بنياد پرستي ۽ انتهاپسندي جي ان روش کي جاري رکڻ ۾ انهن قوتن جو بنيادي ڪردار آھي.جيتوڻيڪ اهي پاڻ کي روشن خيالي ۽ لبرل ازم جو چيمپئن سمجهن ٿيون ۽ سڄي دنيا جي قيادت جا دعويدار آھن ۽ انهيءَ طاقت ۽ قيادت کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجين پاليسين ۾ رجعت پسند ۽ بنياد پرست خيالن ۽ نظرين جي پوئلڳ ماڻھن جي پٺڀرائي ڪرڻ ۽ انتهاپسندي کي واڌ ڏيڻ آھي. بنياد پرستي جون پاڙون ماضي جي آثارن ۾ ئي هونديون آھن، جتي نه ڪي حال جي خبر هوندي آھي نه ڪو مستقبل جو ڏس پتو، نواڻ ڪهڙي به هجي ان جي سوچ ماضي ۾ اٽڪيل آھي ۽ زبان ڳچي ۾ لڙڪيل محسوس ٿيندي آھي، هر وقت شاندار ماضي جا گيت جهونگارڻ وارا ماضي کان ڇوڪارو حاصل نٿا ڪري سگهن، روايتن جا رستا به انهيءَ سبب ماضي ۾تلاش ڪيا وڃن ٿا، پر روايتن ۾ زمان نٿو رهي سگهي، روايت مثبت ۽ صحتمند هجن ته ان جو تسلسل تعميري هئڻ سان گڏ جديديت کي سگهه پهچائي ٿو، ڇوته روايتن جي ڪا ڪڙي ٽٽي وڃڻ سان انسان تاريخي لحاظ کان خلا ۾ جذب ٿي ڪري مستقبل ۾ وڃڻ کان انڪار ڪندي تهذيب  ۽ تمدن جي سفر جون راهون محدود ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جو مقصد انساني بقاءَ ۽ ارتقا جو رستو آھي.جيڪا انهن رجعتي قوتن جي وس جي ڳالهھ ناهي ۽ اڄ تائين انساني تاريخ اهوئي ٻڌايو آھي.اهوئي سيکاريو آھي ۽ اهوئي ٿيندو آيو آھي، ڇوته روشني کي قيد نٿو ڪري سگهجي، خوشبو جو رستو نٿو روڪي سگهجي ۽ تاريخ جي ڦيٿي کي پوئتي ڌڪي نٿو سگهجي، پر اها ڳالهھ رجعتي سوچ رکڻ وارن جي سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ ايندي به ڪيئن، ڇوته اهي ماٺار کي زندگي سمجهن ٿا، چرپر ۽ حيرت جي سائنس کي ڪيئن سمجهندا، ڇوته رجعت جي بنيادي نظرين ۾ ئي جهالت، تهمت پرستي، دشمني ۽ بي عملي شامل آھن ۽ بنياد پرست ۽ انتها پرست به ان جو شعور ئي نٿا رکن ۽ وڏي جوش سان عقل، دانش ۽ فڪر کي پري رکڻ ۽ نئين دور جي لاڙي ۽ نظرين کي عوام دشمن قرار ڏئي ڪري روشن خيالي، اعتدال پسندي ۽ دانشمندي جي رستي ۾ ڪنڊا وڇائي فڪر  ۽ ارتقا جو رستو روڪڻ واري ناڪام ڪوشش ۾ سدائين مارڻ ۽ وڙھڻ لاءِ تيار رهن ٿا، اهائي رجعت پسندي آھي اهائي بنياد پرستي جي گهرج آھي ۽ انتها پسند انهيءَ ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ چاهين ٿا، انهيءَ ايجنڊا کي توڙ تائين رسائڻ جي لاءِ اهي روشن خيال، لبرل ازم ۽ ترقي پسندي جي خيال فڪري محاذ تي وڙھڻ سان گڏوگڏ  عملي محاذ آرائي تي لهي اچن ٿا ۽ تعليمي ادارن توڙي هر هنڌ قتل جي بازار گرم ڪرڻ کان به نٿا مڙن، جن جي ڀٺڀرائي ارادن جي پورائي جي لاءِ ۽ مقصدن ۽ مفادن جي حاصلات لاءِ سامراجي ملڪ ڪن ٿا، جيتوڻيڪ اهي ئي سامراجي ملڪ انساني ذھن جي ترقي ۽ فڪري انقلاب جي سبب سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جون برڪتون سهيڙيندي حڪمراني ڪري رهيا آھن.جيڪڏھن انسان روشن خيال ۽ ترقي پسند نه هجي ها، معاشرتي گهرجن جي مطابق ترقي جي منزلن کان گذري اڳتي نه وڌي ها ۽ پٺتي پيل رجعت پسندي ۽ بنياد پرستي جي لاءِ ميدان خالي ٿي وڃي ها ته اڄ به انسان پٿر جي زماني ۾ زندگي گذاري رهيو هجي ها، انسان جيڪڏھن اشرف المخلوقات آھي ته پنهنجي انهيءَ سوچ، ٻولي ۽ محنت جي ڪري آھي ۽ انهيءَ جي سهاري صدين جون منزلون طئي ڪري اڳتي وڌي رهيو آھي. بنياد پرستن کي انسان جي اها روش ڀانئن نٿي پوي، ماٺار رکڻ وارا رجعت پسند هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت انسان ۽ انساني سماج جي فڪري ۽ مادي ترقي.تهذيب ۽ تاريخ جي ارتقائي عمل کي روڪڻ لاءِ ھر قسم جا بيڪار اوزار استعمال ڪري رهيا آھن علم ۽ ھنر جي درسگاهن ٿي حملا ڪري روشن خيالي جا دروازا بند ڪرڻ لاءِ آتا آھن.خصوصن عورتن جي تعليم ۽ روزگار جي خلاف فتوي جاري ڪرڻ ۽ معاشرتي زندگي ۾ انهن کي ڏاڍ ۽ تشدد جو نشانو بنائڻ جي لاء انتها پسندي جو هر اوزار آزمائي رهيا آھن .رسم.رواج .عقيدي ۽ مذھب جي نالي تي ذھنن کي مفلوج رکڻ واري ڪاروبار کي واڌ ڏئي رهيا آھن.ان طرح ماڻھن ۾ ڊپ ۽ خوف پيدا ڪري انهن کي فڪر وعمل جي آزادي کان محروم رکڻ ۽ نئين گهرجن جي مطابق زندگي گذارڻ کان روڪڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آھن. ۽ دهشتگردي ۽ عڪسريت پسندي جا نوان طريقا استعمال ڪري پنهنجي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ جي  لاء معاشرتي.ملڪي .علائقائي ۽ عالمي سطح تي زور شور سان سرگرم آھن، سامراج ۽ ان جا حامي پنهنجن مفادن جي حصول ۽ حڪمراني کي ڊيگهھ ڏيڻ لاءِ رجعت پسند، بنياد پرست ۽ انتها پسندي کي مدد ۽ حوصلو ڏيڻ لاءِ پنهنجا وسيلا ۽ ذريعا وقف ڪري چڪا آھن، هڪ پاسي دهشتگردي جي تربيت ۽ اڳواڻي ڪري انسانيت جي توهين ڪري رهيا آھن ته ٻئي پاسي دهشتگردي جي خلاف غريب ۽ ڪمزور ملڪن کي ٿڦڪي ڏئي هٿيارن جي گهرج ۽ مارڪيٽ پکيڙڻ سان گڏ  انهن کي سياسي ۽ اقتصادي لحا ظ کان پنهنجو احسان مند ۽ پيش رو بڻائي پنهنجي عالمي ايجنڊا جي پورائي ۽سامراجيت واري پکيڙ جي حڪمت عملي کي ڪامياب ڪري رهيا آھن.پاڪستان ۽ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اهوئي ڪجهه ٿي رهيو آھي، جيڪا اسان سڀني لاءِ فڪر جي گهڙي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو