ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو
مادري ٻولي جي اھميت ان ڏينھن کان شروع ٿئي ٿي،جڏھن ھن دنيا ۾ پھرئين انسان جي ولادت ٿي ۽ سندس ماءُ کيس پنھنجي ٻوليءَ ۾ لولي ڏني ھوندي ۽ ھن ٻاتن ٻولن ۾ ان ٻوليءَ جي لفظن کي ورنايو ھوندو، ان ابتدا کان اڄ تائين ھر شعور جي سمجھه واري زبان ان جي مادري ٻولي رھي آھي، جھڙي ريت علائقن، ريتن، رسمن ۽ موسمن انسان ذات کي ڪڙمن، قبيلن ۽ قومن کي ھڪٻئي سان رابطي لاءِ الڳ الڳ زبانون ڏنيون ويون آھن، صدين جي وھڪري ۾ڪي زبانون لڙھي ويون ۽ ڪي وري ڪناري لڳي ماڻھن جي زبانن تي رھجي ويون، جاندار ۽ ھنرمند قبيلن جون زبانون تڪڙيون پکڙيون، ڇو ته انھن زورآور قبيلن جو اثر رسوخ ۽ معاشي پھچ تمام تيز ھئي، اھڙي ريت طاقتور ۽ ھنرمند قبيلن جون زبانون ڪمزور قبيلن جي مجبوري ٿي پيون پون، دنيا جي معاشي ترقيءَ جو به زبانن جي اوسر تي اثر پوندو رھيو،ان اثر ڪري اڄ تائين ھزارين يا لکين زبانون پنھنجن ڳالھائيندڙن جي غفلت ۽ ڪمزورين جي ڪري فوت ٿي چڪيون آھن، باقي ماحول، ضرورت ۽ استعمال جي اھميت آھر پنھنجا اوڙا پاڙا مٽائينديون آيون آھن، شاھوڪار ٻوليون معاشي طور دنيا جي (پڙين)تي قبضو ڪري وڃن ٿيون، جن ٻولين جو واپاري بازار ۾ اثر رسوخ رھي ٿو اھي زبانون ئي گھڻي دير تائين زندهه به رھن ٿيون ۽ دنيا جي ضرورت به بڻجن ٿيون، معاشيات اقتدار ڏياري ٿي ۽ اقتدار زبانن کي قوت بخشي ٿو، ڪڏھن ان عمل ۾ماڻھن جو راضپو شامل ھوندو آھي ۽ ڪڏھن وري ڪي زبانون اقتدار ۽ معاشي طاقت جي زور تي قومن تي مڙھيون وينديون آھن، اھڙي زبردستيءَ واري روش ماڻھن جي طبقن ۽ قومن وچ ۾ نفرتون پيدا ڪندي آھي، جيڪا معاشري ۽ قومن جي ورهاست تي وڃي دنگ ڪندي آھي، صدين کان وٺي طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ معاشي، ٻولي، عقيدي ۽ قوميت جي ڪشمڪش جاري آھي، دنيا جي ھر خطي جيان ننڍي کنڊ ۾ سون جي تعداد ۾ٻوليون آھن، جن مان ڪيئي لکيون ۽ ڳالھايون وڃن ٿيون، ڪي لکي نٿيون سگھجن صرف ڳالھايون وڃن ٿيون، انھن ٻولين ۾ھڪ اھڙي به ٻولي آھي جيڪا صرف اشارن سان ڳالھائي ويندي آھي، ان جا ڏھه ھزار ڳالھائيندڙ چين ۾ رھن ٿا، اھا سندن قبيلي ۾ رابطي جي زبان آھي، ٻولي جيئن ته اظھار ۽ سمجھڻ جو وسيلو آھي، ان ڪري ان جي قبيلن ۽ قومن ۾ وڏي اھميت آھي، رسل رسائل ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ زبان جو وڏو عمل دخل رھي ٿو، فرد کان وٺي خاندان، ڪڙم، قبيلي ۽ قومن جي سڃاڻ جو ھڪ وڏو ۽ ظاھري وسيلو زبان ئي ھجي ٿي، زبان ئي ھڪ قوم کي ٻي قوم کان الڳ ڪري ٿي ۽ وري ھڪ تعلق ۽ ناتو قائم ڪرڻ ۾مددگار ثابت ٿئي ٿي، جديد دؤر ۾ زبان جي احساس ۽ اھميت کي وڌيڪ اجاڳر ڪيو ويو آھي، ڪا ھڪ زبان ھروڀرو علم جي زبان ناھي، علم لاءِ ڪنھن مخصوص ٻوليءَ جو ھجڻ يا ترقي ڪرڻ ضروري ناھي، زبان جي وڏي ۾وڏي اھميت رابطي لاءِ ۽ بازار جي ضرورت آھي، جنھن بازار ۾ جنھن ٻوليءَ جي خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن جي اڪثريت ھوندي، ان ئي زبان کي قدر سان ڏٺو ويندو آھي، شروع ۾ انگريزيءَ کي سائنسي ايجادن جي ٻولي سمجھيو ويندو ھو، پر اڳتي ھلي چيني، روسي، ڪوريائي، جاپاني ۽ فرانسيسي انگريزيءَ واري دعويٰ کي رد ڪيو، ڇو ته انھن زبانن ترقي ڪري ايجادن ۽ بازار جي زبانن جي حيثيت حاصل ڪري ورتي، ڪيتري ئي عرصي کان گڏجاڻين، اجلاسن ۾خطاب دؤران ترقي يافته ملڪن جا سربراهه ۽ وفد پنھنجي ملڪي زبان ۾ تقرير ڪندا آھن، باقي ٻڌندڙن کي سندن سھولت مطابق ترجما ڏنا ويندا آھن، اھڙي ريت دنيا جا پاڻ ۾ رابطا به بحال رھن ٿا ۽ ٻولين جي اھميت به باقي رھي ٿي، ڪيئي ڏھاڪا اڳ اقوام متحده پنھنجي انساني حقن واري باب ۾ اھو تسليم ڪندي ان ڳالهھ تي زور ڏنو ته ھر ٻار کي ابتدائي تعليم پنھنجي مادري زبان ۾ حاصل ڪرڻ جو بنيادي ۽ پئدائشي حق آھي، ان ڪري مادري ٻولين جي اھميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن پاران 21 فيبروري جي ڏينھن کي ھر سال مادري ٻولين جو ڏينھن قرار ڏنو آھي، جنھن ڪري حڪومتون، ادارا ۽ عوام ان ڏھاڙي کي وڏي شان سان ملھائيندا آھن، اسان جو ملڪ به گھڻ ٻوليون ڳالھائيندڙ ملڪ آھي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾سڀ وڏيون ٻوليون قومي ٻوليون قرار ڏنل آھن، ڀارت ۾ جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي درسي ٻولي ناھي، پر اھا درجنين ٻين ٻولين سان گڏ ڀارت جي قومي ٻولي آھي، اسان وٽ ستم اھو آھي ته سرڪاري سطح تي ھر مادري زبان، پنجابي، پشتو، بلوچي، سنڌي ۽ سرائيڪي کي اردو جي خلاف خطرو محسوس ڪيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ائين بلڪل به ناھي، اردو بيشڪ ھڪ وڏي زبان آھي، جيڪا سڀني قومن جي وچ ۾ رابطي جي زبان ته ضرور آھي، پر اھا سڀني قومن جي مادري ٻولي ناھي، ان ڳالهھ جي اصل ابتدا ١٩٥٢ع ۾ ان وقت ٿي، جڏھن قائداعظم ڪامورن جي چوڻ تي اردؤ کي قومي ٻولي قرار ڏيندي بنگالي ۽ ٻين ٻولين کي يڪسر نظرانداز ڪيو، ان وقت کان ھيل تائين ڪامورا شاھي جي ضد جي ڪري ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ملي ناھي سگھيو، جنھن سان قومي معاشرو ورھائجي رھيو آھي، اسان ٻولين جا وارث سڏائيندڙ به پنھنجين ٻولين سان انصاف نٿا ڪريون، گھر ۾ٻارن سان ڳالھائڻ، لکڻ، پڙھڻ ۽ بازار ۾ مادري ٻولي ڳالھائڻ کان موشو ٿا ڪريون، ان جاءِ تي اردو يا انگريزي ڳالھائڻ ۽ لکڻ پڙھڻ کي معتبري ٿا سمجھون، گھٽ ۾گھٽ سماجي رابطن مھل ته سنڌي استعمال ڪريون، سنڌيءَ کي اردو يا انگريزيءَ ۾لکڻ واري روش ھاڻي ختم ٿيڻ گھرجي.