249

دلچسپ مرحلي ۾ پهتل سينيٽ جون چونڊون…

ليکڪ:   علي محمد ميمڻ

تمام دلچسپ صورتحال آهي ته، ملڪ ۾ سياسي سرگرميون هر صوبي ۾ وري نئين تازگي ۽ توانائي سان وڌي رهيون آهن، مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ جلسا جلوس، ميڙاڪا ۽ ريليون، احتجاجي تحريڪن  بدران محسوس ۽ غير محسوس طريقي سان ثقافتي ملاکڙن ۽ ميلن  وارا روپ اختيار ڪري رهيا آهن.  شايد اهو سبب آهي جو  عوام جي پسند وارن جلسن ۽ تحريڪن ۾ عوام جي نمائندگي يا رش ڏينهون وڌي رهي آهي. ملڪ ۾ ٿيندڙ تازين ننڍين چونڊن ۾ ووٽرن ۽ عوام جي وڌ ۾ وڌ شرڪت  سموري ملڪ جو سياسي وايو منڊل ئي هڻي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ جاري ان سموري هلچل جو هڪ ٻيو روپ به تمام گهڻو غور طلب آهي ته، ماڻهن ۾ نفرت جي سياست ۽ الزام تراشين ، تهمتن ۽ انتقامي طرز حڪمراني ۽ سياست جي طرز عمل کي پڻ ناپسند ڪيو ويو آهي. ننڍين چونڊن جا هاڻوڪا نتيجا ان منظر نامي جا يقينن واضح مثال قرار ڏيئي سگهجن ٿا. جنهن ۾ ملڪ جي چئني صوبن ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي لٺ بردار طرز حڪمراني، نفرت ۽ انتقامي سياست کي اڪثريت راءِ سان نه صرف رد ڪيو ويو آهي پر ان کي پنهنجي اڪثريتي ووٽن سان پڻ کلي شڪست ڏني وئي آهي. ملڪ ۾  قومي اسيملي جي3 سيٽن ۽ چئني صوبن جي 8 صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي مشتمل 11 تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جا نتيجا وزير اعظم عمران خان، پي ٽي آءِ ۽ ان جي حڪومتي اتحاد لاءِ تمام گهڻو ڇرڪائيندڙ آيا آهن. حڪمران ڌر کي  وڌيڪ 9 سيٽن تي صاف نموني شڪست کي منهن ڏسڻو پيو آهي. جنهن ۾خيبر پختونخواهه جي مرڪز نوشهرا واري صوبائي تڪ تي تمام وڏي شڪست ٿي آهي.ملڪ جي سمورن حصن ۾ ٿيندڙ اهڙي قسم جي شڪستن سان حڪمران جماعت تمام وڏن  زلزلن جو شڪار ٿي وئي آهي. وزير اعظم کي پنهنجيون سموريون مصروفيتون هڪ پاسي رکي تيزي سان پشاور پهچڻو پيو . اچرج واري ڳالهه آهي ته صوبي ۽ وفاق ۾حڪمران جماعت واري جهاز کي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ طرفان مليل  شڪستن ۽ حڪومت کي عين مرڪز ۾ ٿيل سوراخن  جي هاڃيڪارين کان  پنهنجي جماعت  کي بچائڻ بدران نوشهرا واري تڪ جي شڪست تي وفاقي وزير دفاع  پرويز خٽڪ جي ڀاءُ، صوبائي وزير لياقت خٽڪ جي وزارت ختم ڪري پي ٽي آءِ جي بنيادي مرڪز خيبر پختونخواهه ۾ وڏي ڀڃ ڊاهه وارو عمل جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن پنجاب جي حساس علائقي ڊسڪا سيالڪوٽ واري قومي اسيمبلي جي تڪ تي ٿيل خونريزي ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملي جي اغوا ۽ انهن جي پولنگن تي نتيجا تبديل ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن طرفان نتيجا روڪي ڇڏڻ وارو کنيل سخت قدم پڻ پنجاب ۽ وفاقي حڪومتن لاءِ وڏي بدنامي جو سبب بنجي ويو آهي. اهو سڀ ڪجهه ان موقعي تي ٿي رهيو آهي، جڏهن ملڪ ۾ سينيٽ جون چونڊون پڻ 3 مارچ 2021ع تي ٿيڻ واريون آهن. ملڪ جي سياست ۾ ٻيو وڏو معرڪو هاڻي  حڪومت ۽ پي ڊي ايم وچ ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. جنهن لاءِ مخالف ڌر جي اتحاد  پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ  واري لت وڌيڪ ڳري ٿيندي نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته، حڪومتي اتحاد  کي پنهنجا ووٽ ۽ سينيٽ جون سيٽون بچائڻ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿي رهيو آهي. حڪومت کي ننڍين چونڊن ۾ شڪست ڏيندڙ  پي ڊي ايم طرفان سموري ملڪ ۾ گڏيل اميدوار آندا پيا وڃن. خاص طور تي اڳوڻي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي اسلام آباد مان سينيٽ جي جنرل سيٽ تي پي ڊي ايم جي متفقه اميدوار طور آندو ويو آهي. جنهن کي قومي اسيمبلي جي ميمبرن طرفان ووٽ ملڻا آهن. حڪومتي اتحاد طرفان ناڻي واري مشير عبدالحفيظ شيخ کي بيهاريو ويو آهي. ان حوالي سان مزيدار ڳالهه اها آهي ته، حڪمران اتحاد جا قومي اسيمبلي ۾ پي ڊي ايم جي مقابلي ۾اڌ ڊزن کن ووٽ وڌيڪ آهن پر حڪومتي اميدوار جي شخصيت، مخالف ڌر جي اميدوار جي مقابلي واري ئي نه آهي. ٻئي پاسي حڪومت جي تڪراري ڪارڪردگي ۽ حڪمران جماعت ۽ حڪومتي اتحاد ۾ نااتفاقي ۽ ڪمزور ٿيڻ واري صورتحال سان  ملڪ ۾ عام رايا اهي آهن ته شايد مخالف ڌر جو مقبول اميدوارسيد يوسف رضا گيلاني آساني سان ڪامياب ٿي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ  وزير اعظم عمران خان لاءِ پڻ پنهنجي عهدي تي رهڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويندو. بيشڪ! دنيا جي  پارلياماني سياست جي عزت ڀرئي طريقيڪار موجب روايتون اهي آهن ته حڪومت جڏهن عوام ۾ پنهنجي مقبوليت وڃائي ويهي ته اصولي طور تي هن کي ايوان کان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو آهي اهڙي ريت، ننڍين چونڊن جي حڪومت تي عدم اعتماد وارن نتيجن اچڻ بعد سينيٽ جون چونڊون آخري اعلان طور ڏسڻ گهرجن. وزير اعظم لاءِ اخلاقي طور تي ته هن وقت به اهو ضروري ٿي ويو آهي ته، کيس قومي اسيمبلي مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهرجي. سينيٽ چونڊن جي حڪومت خلاف اچڻ بعد کيس وڌيڪ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو. جو مخالف ڌر جي جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم طرفان وزير اعظم عمران خان کان سندس عهدي تان استعيفيٰ جي گهر کڻي 26 مارچ کان سموري ملڪ مان اسلام آباد طرف لانگ مارچ شروع ڪرڻ واري ڪيل اعلانن موجب سياسي جماعتن واريون تياريون جاري آهن . اهڙي ريت مارچ بابت ڄاڻايل اعلان موجب مارچ جي آخري هفتي ۾ سموري ملڪ کان اسلام آباد  طرف شروع ٿيندڙ ريليون، جلسا ۽ جلوس جاري رهندا ۽ مارچ ڪندي اپريل جي وچ ڌاري تائين اسلام آباد ۾ پهچي ڌرڻا هڻندا ويندا. يقينن، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي به ناڪام هجي ۽ عوام طرفان تازين چونڊن ۾ ڏنل شڪست وارا فيصلا پڻ منظر عام تي اچي چڪا هجن ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ پڻ حڪومتي ڪارڪردگي مثالي نه هجي ۽ سندن ڄنگهون ڏڪي رهيون هجن ته پوءِ اهو  ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ مڪمل طور تي مفلوج ۽ ٿاڦيل  سرڪار  وڌيڪ عرصو ملڪ تي حڪمران رهي سگهي. يقينن، اهو ڪنهن به صورت ۾ممڪن ئي نه آهي ته، ايندڙ ڏينهن ۾ سينيٽ جون ٿيندڙ چونڊون، انهن جا ايندڙ نتيجا ، لکين عوام جا شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ائين بيڪار ۽ بي نتيجا ٿي موٽندا . يقينن، اسين پڻ ملڪ ۾ ٿيندڙ  عوامي هلچل ۽ سمورين چونڊن جا لاڀائتا نتيجا ڏسڻ جا منتظر آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو