258

فيصل آباد ۾ وين، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ سرگوڌا روڊ تي مسافر وين، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. رپورٽن مطابق ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته مسافر وين تيز رفتاري سبب بي قابو ٿي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ شديد زخمي ٿي پيو. وين ڊرائيو واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. پوليس وين ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو