لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اسجد جاويد گهرال تي ٻڌل بئنچ ڪئي. نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر سيد فيصل رضا بخاري پيش ٿيو، جڏهن ته حمزه شهباز پاران اعظم نذير تارڙ ۽ امجد پرويز ايڊووڪيٽ پيش ٿيا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس هڪ هڪ ڪروڙ جا 2 ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
