350

شھيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ۾ رٽائر ٿيندڙ پروفيسر عطا بُلو جي مان ۾ الوداعي تقريب

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) شھيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري پاران رٽائر ٿيندڙ پروفيسر ۽ آرڪيٽيڪچر شعبي جي سربراهه پروفيسر عطاءُ المنيم بُلو (عطا بُلو) جي مان ۾ الوداعي ريفرنس ڪوٺايو ويو. ريفرنس ۾ اداري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، پروفيسر شوڪت کوکر، پروفيسر علي عباس جعفري، پروفيسر حنا ماروي خلجي، پروفيسر محمد سليم جهتيال، ايڪٽنگ رجسٽرار محمد يونس ڪانگري، ترجمان لطيف گاد، فيڪلٽي ميمبرن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر رٽائر ٿيندڙ پروفيسر عطا بُلو جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندس علمي پورهيو ايندڙ وقت تائين ۽ هميشه ياد ڪيو ويندو. هن چيو ته رٽائرمينٽ قومي خدمتن جي حوالي سان ڪا رڪاوٽ يا رنڊڪ ناهي ۽ مون کي پڪ آهي ته پروفيسر عطا بُلو پنهنجي وسيع تجربي ۽ مطالعي جي آڌار تي سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو جنهن سان ايندڙن کي نئين روشني ملندي. ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته پروفيسر عطا بلو گهڻ رخي شخصيت آهي ۽ کيس مذهب، تاريخ ۽ سياست تي عبور آهي جنهن لاءِ هن سموري عمر نور نچوڙيو آهي ۽ اسان کيس هن اداري جو سرمايو ۽ اهم رُڪن سمجهون ٿا. ريفرنس کي خطاب ڪندي پروفيسر عطا بلو چيو ته هن سموري عمر پنهنجي شعبي سان سچائي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ سموري توانائي شاگردن ۽ قوم جي معمارن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ وقف ڪئي آهي. هن چيو ته هن اداري ۾ ڪم ڪرڻ باعث فخر هو ۽ جيترو ٿي سگهيو هن سو ڪردار نڀايو ۽ پنهنجي محنت، سچائي، مستقل مزاجي ۽ علمي خدمتن مان مڪمل طور مطمئن آهي. تقريب ۾ پروفيسر حنا ماروي خلجي، پروفيسر شازيه ابڙو، محمد يونس ڪانگري، افتخار ڪنڌر، عظمى آريسر، مهناز سومرو، شاهه رخ نعمان، سارا حفيظ ابڙو ۽ ٻين پروفيسر عطا بلو جي خدمتن تي ڳالهايو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر رٽائر ٿيندڙ استاد پروفيسر عطا بلو کي يادگار شيلڊ ڏيندي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي اوڍايا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو