اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا آهن ته سينيٽ چونڊن ۾ ڳجهي ووٽنگ ٿيڻ گهرجي يا نه، ان جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي اعليٰ بئنچ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ واري صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. پيپلز پارٽي سينيٽر رضا رباني پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ڪنهن کي ووٽ ظاهر ڪرڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي، سياسي معاملن ۾ سمجهوتا ٿيندا رهندا آهن، ڪيترائي ڀيرا مختلف ايم پي ايز ڪنهن اشو تي گڏ ٿي سينيٽ اميدوار کي ووٽ ڏيندا آهن، سينيٽ چونڊون سياسي معاملو آهي رياضي جو سوال نه، سينيٽ چونڊ آرٽيڪل 226 تحت ئي ٿيندي آهي، عارضي قانونسازي ذريعي سينيٽ چونڊ نه ٿي ٿي سگهي، آئين ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته سينيٽ لاءِ ڳجهي ووٽنگ نه ٿيندي، آئين اهو به نٿو چئي ته سينيٽ چونڊون قانون مطابق ٿينديون، آرڊيننس خلاف ڪنهن ايوان ۾ ٺهراءَ منظور ٿيو ته اهو ختم ٿي ويندو، پارليامينٽ منظوري نه ڏني ته آرڊيننس 120 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آرڊيننس جو سوال عدالت سامهون ناهي، آرڊيننس جاري ٿيڻ تي ڪابه راءِ نه ڏينداسين، جمهوريت ۾ فيصلا پارٽي ڪندي آهي قيادت نه، آئين ۾ پارٽين جو ذڪر آهي شخصيتن جو نه، ڪوبه مٿان کان پنهنجو فيصلو آڻي لاڳو نٿو ڪري سگهي، پارٽين جا فيصلا به جمهوري انداز ۾ ٿيڻ گهرجن، ڪنهن کي ووٽ ڏيڻو آهي اهو فيصلو پارٽيون ڪيئن ٿيون ڪن؟ رضا رباني جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته سينيٽ چونڊون آئين تحت ٿينديون آهن قانون تحت نه، سينيٽ چونڊون ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿين ٿيون، سمورا ايم پي ايز پنهنجي فردي حيثيت سان ووٽ ڏيندا آهن، مخصوص سيٽن تي اليڪشن نه پر سليڪشن ٿيندي آهي، پارٽي لائن تي عمل ڪرڻ سينيٽ چونڊن لاءِ لازمي ناهي. فاروق نائيڪ جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ن ليگ جي بئريسٽر ظفر الله پنهنجي دليلن ۾ چيو ته چونڊن جي نمائندگي ڳجهي ووٽنگ ذريعي ئي ممڪن آهي، تاريخ تي نظر وجهجي ته آئين جي آرٽيڪل 226 جي تشريح ممڪن آهي، اليڪشن ايڪٽ جي تياري دوران ڳجهي ووٽنگ تي بحث ٿيو هو، تحريڪ انصاف سميت هر سياسي پارٽي ان وقت ڳجهي ووٽنگ جي حمايت ڪئي هئي، سينيٽ چونڊن کانپوءِ صوبائي اسيمبليون ٽُٽي به سگهن ٿيون، صوبائي اسيمبلين جي ٻيهر چونڊن ۾ ڪا ٻي پارٽي به حڪومت ۾ اچي سگهي ٿي، جيڪڏهن برابر نمائندگي پارٽين جي آهي ته نئين اسيمبلين ۾ سينيٽ جي ڇا پوزيشن هوندي؟ ڳجهي ووٽنگ ختم ٿي ته جمهوريت لاءِ وڏو نقصان هوندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران بئريسٽر صلاح الدين پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اڄ تائين داخل ٿيندڙ سمورا ريفرنسز آئيني بحران تي هئا، هاڻوڪين حالتن ۾ ڪوبه آئيني بحران ناهي، ماضي ۾ حڪومت پنهنجي سياسي ذميواري عدالت تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ماضي ۾ عدالت قرار ڏنو هو ته بنگلاديش کي مڃڻ يا نه مڃڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، ماضي ۾ ڀارتي حڪومت سپريم ڪورٽ کان بابري مسجد تي راءِ گهري هئي، پر ڀارتي سپريم ڪورٽ ريفرنس تي راءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. اٽارني جنرل دليلن ۾ ٻڌايو هو ته قانون ڪيئن هجڻ گهرجي، اٽارني جنرل اهو نه ٻڌايو هو ته قانون ڇا ٿو چوي؟ چونڊ عمل سان ڪرپشن ختم ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، سيڪرٽ ۽ اوپن بيلٽ لاءِ عدالتي تشريح جي ضرورت ئي ناهي، ڪنهن حد تائين ووٽ کي اوپن ڪرڻ به صحيح ناهي، ووٽرن لاءِ ووٽ جي ڄاڻ عام ٿيڻ جو ڊپ ئي ڪافي آهي، جيڪڏهن اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي راءِ تي ووٽ ڏيڻ جو حق ناهي ته 800 ميمبرن تي ٻڌل اسيمبلين جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪي سوال ريفرنس ۾ پڇيا ويا آهن ان تي ئي جواب ڏينداسين، عدالت کي تعين ڪرڻو آهي ته سينيٽ چونڊن تي آرٽيڪل 226 لاڳو ٿئي ٿو يا نه، رياست جي هر اداري کي پنهنجو ڪم حدن ۾ رهي ڪرڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي متبادل ناهي، ڳجهي ووٽنگ ٿيڻ گهرجي يا نه، فيصلو پارليامينٽ ڪندي، پارليامينٽ جا اختيار پنهنجي هٿن ۾ نه کڻنداسين، جيڪڏهن آئين چوي ٿو ته ڳجهي ووٽنگ ٿيندي ته ڳالهه ختم ٿي وڃي ٿي.
228