310

مهراڻ يونيورسٽي خطي جي پهرين ٽيڊڪس ميوٽ ڪاميابي سان ڪرائڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي خطي جي پهرين ٽيڊڪس ميوٽ ڪاميابي سان ڪرائڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل ڪانفرنس کي مقامي ترقي، سماجي تبديلي ۽ هيڻن جو ڀرجهلو ڪيئن ٿجي، ٻين لاءِ ڪيئن جيئجي، ٽيڪنالاجي جو انساني زندگي ۾ ڪردار ۽  آرٽيفشل انٽيليجنس سميت ٻين موضوعن تي اينگرو جي چيف ايگزيڪٽوو آفيسر سيد ابوالفضل رضوي، ٽنڊو آدم جي ايڌي بابا راج ڪمار، حيدرآباد ۾ ريسٽورينٽس ۽ هوٽلن تي بچيل کاڌو ضرورتمندن تائين پهچائيندڙ فوڊ سيور گروپ جي عبيد رحمان، هواوي  ڪمپني جي شهزاد رشيد، آءِ ٽي ذريعي ڪاروبار ڪندڙ ريحان الله والا ۽ ٽنڊو سومرو کي ماڊل ڳوٺ بڻائيندڙ رئيس امداد خان نظاماڻي خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اينگرو جي جي چيف ايگزيڪٽوو آفيسر سيد ابوالفضل رضوي چيو ته ”ٿر پاڪستان بدلائيندو“ جي نعري هيٺ اسان جو ادارو ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اينگرو مقامي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگي بدلائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته عورتن جي ترقي کانسواءِ ڪنهن به سماج ۽ خطي جي ترقي ممڪن ناهي، اينگرو ٿر جي عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ انهن جي روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا آهن. هن چيو ته علائقي ۾ تعليم ۽ صحت جي سهولتن لاءِ پڻ اينگرو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي رئيس امداد خان نظاماڻي چيو ته، ٽنڊو سومرو کي ماڊل وليج بنائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي شروعات امن امان ۽ ڳوٺاڻن کي تحفظ ڏيڻ سان شروع ڪئي وئي. هن چيو ته ان بعد راندين جي ميدان تي ڪم ڪيو. امداد خان نطاماڻي وڌيڪ چيو ته ڳوٺ جي ماڻهن جي سهڪار سان اسان جو ڳوٺ مثالي ڳوٺ بڻجي سگهيو آهي. بابا راج ڪمار چيو ته، ٻين لاءِ جيئڻ ئي اصل زندگي آهي، پنهنجي لاءِ هر ڪو جيئي ٿو. هن چيو ته ماڻهن جي مدد ۾ جيڪا راحت ۽ سڪون آهي، دنيا جي ڪنهن ڪم ۽ عبادت ۾ ناهي. عبيد رحمان چيو ته پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ هر ڪو جتن ڪري ٿو. ٻين جي بک گهٽائڻ لاءِ تمام گهٽ ماڻهون ٿا سوچين. هن چيو ته حيدرآباد جي هوٽلن ۽ ريسٽورينٽس جو بچيل کاڌو ضرورتمندن تائين پهچائڻ لاءِ اسان جو گروپ ڪم ڪري رهيو آهي. ريحان الله والا چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا کي روزگار جي ذريعي طور استعمال ڪري سٺو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال صرف تفريح لاءِ نه هجڻ گهرجي. ان موقعي تي هواوي جي نمائندي شهزاد رشيد چيو ته هي صدي آرٽيفشل انٽيليجنس جي آهي، هن ملڪ جي ماڻهن کي ترقي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ٽيڪنالاجي جي ايجادن سان جوڙڻو پوندو. هن چيو ته آرٽيفشل انٽيليجنس جا انسان کي فائدا آهن ته ان جا خطرا به آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي آڌر ڀاءُ ڪيو. جڏهن ته ڪانفرنس جي ڪارووائي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي ۽ نوجوان ڪمپئير ثاقب ابڙو هلائي. ڪانفرنس ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي، سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمود مغل، جيم خانه حيدرآباد جي صدر انجنيئر سليم قريشي، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پوليس  غلام قادر ٿيٻو، ڪالمنگار نصير ميمڻ، ذوالفقار هاليپوٽو سميت مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو