237

وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۽ چين وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي جي عوام کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ واپاري لاڳاپن جو فروغ اڻٽر آهي، يورپي يونين جي طرز تي اسان کي خطي ۾ واپاري لاڳاپا هموار ڪرڻا پوندا، مسئلن جو حل جنگ بدران ڳالهين ۾ آهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ويڇي ۾ ماضي وانگر هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سريلنڪا جي واپاري برادري کي سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان ۾ مذهبي ماڳن سميت سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پهرين پاڪستان سريلنڪا ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سريلنڪا جي وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هو غربت جي خاتمي جو مقصد کڻي سياست ۾ آيو، 25 سال پهرين هن پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو ۽ ڪينسر اسپتال شروع ڪئي ڇو ته ڪينسر جو علاج تمام گهڻو مهانگو هجڻ جي ڪري عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر هو، فلاحي ڪم ڪندي مون کي احساس ٿيو ته پاڪستان جي عوام جي اڪثريت غربت، غذائي کوٽ، ناڻي واڌ جو شڪار آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا کي هڪجهڙا مسئلا درپيش آهن، هن چيو ته سريلنڪا جي صدر سان گذريل ڏينهن مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ساڻس سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي. مون چين جي دوري دوران اهو ڏٺو ته هنن هول سيل ۽ ريٽيل ۾ فرق کي ٽيڪنالاجي جي ذريعي گهٽ ڪيو ته جيئن عام ماڻهو کي سهولت حاصل ٿئي، هن چيو ته سيڙپڪاري جي ذريعي اسان غربت ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا، ڪاروبار کي آسان بڻائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، هن چيو ته چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اها وڏي ڪاميابي آهي، ڪاروباري سرگرمين جو مقصد دولت جي پيداوار ۽ غربت جو خاتمو آهي، سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪري اسان غربت جو خاتمو ڪري سگهون ٿا، وزيراعظم چيو ته سياسي استحڪام ۽ پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپا به غربت ۾ گهٽتائي جو ذريعو آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي، دهشتگردي سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ خطرو آهي، مون اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ڀارت سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڳالهين جي دعوت ڏني پر اسان کي ڪاميابي نه ملي سگهي. هن چيو ته خطي ۾ عوام کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ واپاري لاڳاپا اڻٽر آهن. يورپي يونين جي طرز تي اسان کي خطي ۾ واپاري لاڳاپا هموار ڪرڻا پوندا، جنگ بدران مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير جو تڪرار موجود آهي جيڪو صرف ڳالهين سان ئي حل ٿي سگهي ٿو. چين تڪرارن جي باوجود واپار جي فروغ سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ننڍي کنڊ ۾ به تڪرارن جو ڳالهين سان ئي حل ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ اختلاف ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان پهرين به چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو، اسان ٻين قومن ۽ انسانيت کي ويجهو آڻڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، سريلنڪا سياحت جي شعبي ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي، پاڪستان سياحت جي شعبي ۾ سريلنڪا کان سکي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ ڪيترائي مذهبي ماڳ موجود آهن ۽ هي گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت جو مرڪز رهيو آهي، اسان پاڪستان ۾ ٻڌن جي مقدس ۽ سياحتي ماڳن کي ترقي ڏني آهي ۽ سهولت ۾ اضافو ڪيو آهي، پاڪستان سياحت جي حوالي سان خوبصورت ترين ملڪ آهي، دنيا جا خوبصورت ترين علائقا ۽ بلند جابلو سلسلا پاڪستان ۾ آهن. هن سريلنڪا جي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته سي پيڪ ۾ سيڙپڪار ڪن، سريلنڪا کي گوادر بندرگاهه جي ذريعي ازبڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي ميسر ايندي. هن چيو ته سريلنڪا جا سيڙپڪار سي پيڪ سان خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن، هن چيو ته مون کي ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ سريلنڪن ٽيم جي ڪاميابي تي خوشي آهي، سريلنڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف راندين ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان اقتدار سنڀاليو ته سمورا اقتصادي اشاريه خراب صورتحال جي عڪاسي ڪري رهيا هئا، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاد واپار جو معاهدو موجود آهي، هاڻي اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين ته ان ۾ وڌيڪ ڪيترا شعبا شامل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته امن ۽ ترقي جو فروغ اسان جي ايجنڊا آهي، هن سريلنڪار جي ڪاروباري طبقي کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته هو پاڻ اچي ڏسن ته پاڪستاني ڪيترا بهترين مهمانواز آهن. واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سريلنڪا ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس جو انعقاد خوش آئنده آهي، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي نون موقعن مان فائدو کڻڻ جا خواهشمند آهيون، اسان سريلنڪا سان هڪ نئين مستقبل جو بنياد رکڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار جو ماپو وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، سيڙپڪاري ۽ واپار جي حوالي سان سريلنڪا جي واپار واري وزير سان مفيد ملاقات ٿي، افغانستان ۽ ازبڪستان ۽ ان کان اڳتي وچ ايشيا سان واپار وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان نوان رستا ٺاهي رهيو آهي، سريلنڪا پاڪستان ۾ گوادر جي بندرگاهه مان به فائدو کڻي سگهي ٿو، وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، واپار جو اهو فروغ خطي سان گڏوگڏ سريلنڪا جي لاءِ به سودمند ٿيندو، هن سريلنڪا جي ڪاروباري برادري کي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي، ڪورونا وبا جي باوجود پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي اقتصادي لاڳاپن کي نئين راهن تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي سريلنڪا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) سعد خٽڪ چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا هڪ عرصي تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ ڪيترن ئي معاملن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن سان عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا نوان موقعا ڳوليا ويندا ۽ ٻطرفي واپار ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو. سريلنڪا جي واپار واري وزير اجيت نيوات چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا ڪجهه ئي مهينن جي فرق سان آزادي حاصل ڪئي، وزيراعظم عمران خان کي اسان ڪرڪيٽ کيڏندو ڏسي به تمام گهڻا خوش ٿيندا هئاسين ۽ اڄ کيس پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوش آهيون، پاڪستان ۽ سريلنڪا کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ڪرڪيٽ ۾ انهن ملڪن کي پوئتي ڇڏيو جنهن ڪرڪيٽ جو آغاز ڪيو، هن چيو ته واپاري تعاون جي فروغ سان خطي ۾ غربت جو خاتمو ٿيندو، پاڪستان ۽ سريلنڪا کي گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ رستا ڳولڻا پوندا ۽ ڏسڻو پوندو ته اسان ڪهڙي طرح هڪٻئي سان بهتر طريقي سان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪورونا وبا سان دنيا جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر اسان جي لاءِ ان ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن، واپار کانسواءِ راندين جي ميدان ۾ به تعاون جي ضرورت آهي، پاڪستان جي صنعتن جو شعبو گهڻو فرغ حاصل ڪري رهيو آهي ۽ انڊسٽريل زونز ٺاهيا پيا وڃن، اسان کي بهتر حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو