لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيٽ چونڊن کانپوءِ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت خلاف جنگ کٽي ورتي آهي، ڪابه چونڊ هجي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏينداسين، پي ڊي ايم حڪومت کي سڄي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، ڊسڪا ۾ ننڍي چونڊ مان ثابت ٿي ويو ته عوام پي ڊي ايم سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پي ڊي ايم فيصلو ڪيو هو ته گڏجي مقابلو ڪنداسين، ان لاءِ يوسف رضا گيلاني کي گڏيل طور اميدوار بڻايو ويو، اسان ڄاڻون ٿا ته اسان گهٽ ووٽن تي ميدان ۾ اچي رهيا آهيون پر اسان گهٽ انگ ۾ ئي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوري جدوجهد واري سفر کي اڳيان کڻي وڃي رهيا آهيون، سڀني کي چئون ٿا ته هن ڪرندڙ ڀت کي هڪ ڌڪو ٻيو به ڏيو، مارچ جي آخر ۾ مارچ به ٿيندو، اسان پارليامينٽ جي بالادستي چاهيون ٿا، سينيٽ چونڊن کانپوءِ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، اميد آهي ته قوم کي سينيٽ چونڊن ۾ سٺا نتيجا ڏينداسين.
