159

پاڪ_ڀارت ڊي جي ملٽري آپريشنز جو هاٽ لائين تي رابطو، لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال جو جائزو، بنيادي معاملا ۽ خدشا حل ڪرڻ تي به اتفاق

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جو هاٽ لائن تي رابطو ٿيو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جون ڳالهيون سٺي ماحول ۾ ٿيون ۽ ٻنهي آفيسرن لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال جو جائزو ورتو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڊي جي ايم اوز ٻين سمورن سيڪٽرن جي صورتحال جو به جائزو ورتو ۽ بنيادي معاملا ۽ خدشا حل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ رابطو 1987ع کان هلندڙ آهي، پاڪستان ۽ ڀارت متفق آهن ته هاٽ لائن جي هاڻوڪي ميڪنزم کي موثر بڻايو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق ايل او سي تي جنگبندي لاءِ 2003ع ۾ هڪ ٻي انڊراسٽينڊنگ ٿي، جڏهن ته 2014ع کان ايل او سي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ۾ تيزي اچي وئي هئي، 2003ع کانپوءِ هن وقت تائين 13500 کان وڌيڪ سيز فائر جون ڀڃڪڙيون ٿيون آهن، جن ۾ 310 شهري فوت ۽ 1600 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا آهن. ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ آهي ته 2014ع کان 2021ع وچ ۾ 97 سيڪڙو سيز فائر جون خلاف ورزيون ٿيون ۽ سال 2019ع ۾ سڀ کان وڌيڪ سيز فائر جون ڀڃڪڙيون ٿيون، جڏهن ته 2018ع ۾ سيز فائر جي خلاف ورزين دوران سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو