157

ملڪ ۾ پهرين مارچ تي تعليمي ادارا معمول مطابق کولڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود سڄي ملڪ ۾ پهرين مارچ تي تعليمي ادارا معمول مطابق کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شفقت محمود جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا پهرين مارچ کان هفتي ۾ 5 ڏينهن لاءِ کوليا ويندا، ڪورونا سبب وڏن شهرن ۾ اسڪولن تي ڪلاس ٻن ننڍن گروپن ۾ ورهائي پڙهائڻ واري پابندي 28 فيبروري تي ختم ٿي ويندي. هن چيو ته ڪجهه وڏن شهرن جا اسڪول 28 فيبروري تائين مرحليوار ڪلاس وٺندا، الله جي فضل سان اسان هاڻي نارمل حالتن طرف وڃي رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو