اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 64 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1361 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. . نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 361 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 64 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 58 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 19 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 34 سيڪڙو، ميرپور 23 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 906 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 918، پنجاب ۾ 16 هزار 2، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 51، اسلام آباد ۾ 5 هزار 153، بلوچستان ۾ 579، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 842 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 39 هزار 888 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 230 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 23 هزار 281 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 75 هزار 941 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 10 هزار 22، بلوچستان ۾ 19 هزار 10، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 955، اسلام آباد ۾ 43 هزار 901، خيبرپختونخواهه ۾ 71 هزار 490، پنجاب ۾ 1 لک 69 هزار 474 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 57 هزار 89 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 772 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 315 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 308 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 39 مريض فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 58 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 494 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 199 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 296 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 88 لک 31 هزار 892 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 42 مريض علاج هيٺ آهن.
