148

اليڪشن ڪميشن ڳجهي ووٽنگ ذريعي سينيٽ چونڊن لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون

پشاور/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڳجهي ووٽنگ ذريعي سينيٽ چونڊن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن ڳجهي ووٽنگ ذريعي سينيٽ چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان خاص هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن مطابق ووٽرن کي 4 بيلٽ پيپر جاري ڪيا ويندا، جنرل سيٽن لاءِ اڇو، عورتن لاءِ گلابي، ٽيڪنوڪريٽ لاءِ سائو ۽ اقليت لاءِ پيلو پيپر هوندو. اميدوارن جا نالا ترتيب سان ڏنل هوندا، ووٽر بيلٽ پيپر حاصل ڪرڻ کانپوءِ پردي واري جاءِ تي ووٽ لاءِ بال پين جو استعمال ڪندو، رستي ۾ ووٽر ڪنهن ٻئي ووٽر يا ڪنهن ٻئي شخص سان نه ملي سگهندو، ووٽرن جي پولنگ اسٽيشن ۾ موبائل فون کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو هوندي، جيڪڏهن ووٽر غلطي سان موبائل اندر کڻي آيو ته پولنگ آفيسر وٽ جمع ڪرائڻو پوندو. ان حوالي سان اليڪشن ڪمشنر خيبرپختونخواهه شريف الله بابر سان رابطو ڪيو ويو ته سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي هدايتن مطابق سينيٽ چونڊن لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته آئين ۽ قانون مطابق سينيٽ جون چونڊون ڪرايون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو