ليکڪ: حامد مير
اوهان لاپتا فردن بابت ته ٻڌو هوندو پر ڪنهن شاعر جي لاپتا ديوان بابت نه ٻڌو هوندو، ٿورڙو سوچيو ته ڪنهن شاعر جو وڃايل ديوان ان کي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ واپس ملي وڃي ته ان جي خوشي جو ڪهڙو عالم هوندو؟ آئون گذريل ٻن ڏينهن کان اردو جي هڪ عظيم شاعر جو اهڙو ديوان پڙهي رهيو آهيان، جيڪو 200 سالن کانپوءِ سامهون آيو آهي. پر افسوس اهو آهي ته اهو شاعر دنيا ۾ ناهي رهيو، هي ڪو عام شاعر نه آهي پر اهو شاعر آهي جنهن بابت مرزا غالب چيو هو ته؛
ریختے کے تمہیں استاد نہیں ہو غالب
کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میرؔ بھی تھا
ته جناب اهو ديوان مير تقي مير جو آهي، جنهن کي اردو ٻولي جي هڪ مشهور عالم ڊاڪٽر معين الدين عقيل سامهون آندو آهي، سنگ ميل پبليڪيشنز ان کي ”مير تقي مير“ جو غير مطبوعه ديوان هفتم، دريافت ۽ انڪشاف“ جي نالي سان ڇپرايو آهي. مير تقي مير جي ڪليات ۾ 6 ديوان شامل رهيا آهن، پر ان ستين ديوان جو پتو ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ڪولالمپور جي انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ سولائيزيشن جي لائبريري مان مليو، ان لائبريري ۾ ڪئناڊا سان تعلق رکندڙ اردو اسڪالر عبدالرحمان بارڪر جو ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي ۽ انهن ڪتاب مان ڊاڪٽر معين الدين عقيل مير تقي مير جي غير مطبوعه ديوان هفتم ڳولي ڪڍيو. اهو ديوان دراصل مير تقي مير جي ڪلام جي چونڊ آهي، ڪجهه غزل پوين 6 ديوانن ۾ موجود آهن، پر ان ستين ديوان ۾ اهڙا غزل ۽ شعر به شامل آهن، جيڪي غير مطبوعه ۽ ڪتابت ٿيل آهن، هڪ غزل جو هي شعر اهم آهي ته؛
جو جو ظلم کئے ہیں تم نے سو سو ہم نے اٹھائے ہیں
داغ جگر پہ جلائے ہیں چھاتی پہ جراحت کھائے ہیں
مير صاحب 1723ع ۾ آگرا ۾ پيدا ٿيو ۽ 1810ع ۾ لکنئو ۾ سندس انتقال ٿيو، گهڻو وقت هن دهلي ۾ گذاريو ۽ هن انتهائي گهڻي افراتفري ۽ بلائون ڏٺيون ۽ ان ديوان ۾ به اهڙا غزل شامل آهن جن جا شعر پڙهي اهو محسوس ٿئي ٿو ته 200 سالن کانپوءِ حالتون ناهن بدليون، فرمائي ٿو ته
ہم سے تو تم کو ضد سی پڑی ہے خواہ نہ خواہ رلاتے ہو
آنکھ اٹھا کر جب دیکھے ہیں اوروں میں ہنستے جاتے ہو
مير تقي مير جي ديوان هفتم جي دريافت اردو ادب ۾ اهم واڌ آهي ۽ منهنجي لاءِ ته ان ديوان جو هٿ اچڻ ان لاءِ انتهائي اهم آهي جو منهنجي پنهنجي ڏاڏي مرحوم مير عبدالعزيز جو به ديوان گم ٿي ويو هو. هو اردو، فارسي ۽ پنجابي جو شاعر هو، هڪ ڀيرو سيالڪوٽ مان مشاعرو پڙهڻ لاهور آيو، مشاعرو رات دير تائين هليو ته اتي ئي سندس اک لڳي وئي، ۽ جڏهن اک کلي ته ديوان غائب هو، منهنجي والد صاحب ان ديوان جي ڳولا لاءِ اخبارن ۾ ڪيتريون ئي خبرون ڇپرايون پر اهو ديوان نه مليو، 2 ڏينهن اڳ جڏهن هن خاڪسار مير تقي مير جي غير مطبوعه ديوان هفتم جو مطالعو شروع ڪيو ته ميڊيا تي ڊسڪا جي تڪ اين اي 75 ۾ٿيندڙ ضمني چونڊن کانپوءِ لاپتا ٿيندڙ پرزائينڊنگ ذڪر هلي رهيو هو. آئون هڪ دلچسپ صورتحال مان گذري رهيو هئس، منهنجي هٿ ۾ مير تقي مير جو ديوان هو، جيڪو 200 سالن تائين لاپتا رهيو ۽ منهنجي سامهون ٽي وي اسڪرين تي ٻه درجن پرزائيڊنگ آفيسرن جي وڃائجي وڃڻ جو شور هو، ڇنڇر جي صبح جو ڇهين بجي اهي لاپتا پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي رٽرننگ آفيسر وٽ واپس پهتا ۽ ٻڌايو ته اهي ڌنڌ جي ڪري دير ٿي ويا هئا. ڪنهن جي طبيعت خراب هئي ۽ ڪنهن پنهنجي عينڪ وڃائجڻ جو بهانو ڪيو، پر ڌنڌ واري دلچسپ بهاني سان ڪيترائي افسانا بڻجي ويا، ساحر لڌيانوي چيو هو ته؛
سنسار کی ہر شے کا اتنا ہی فسانہ ہے
اک دھند سے آنا ہے اک دھند میں جانا ہے
ڊسڪا جي ڌنڌ مان برآمد ٿيندڙ لاپتا پرزائيڊنگ آفيسرن جيڪي ڪهاڻيون ٻڌايون اهي هڪ اهڙي ڌنڌ جو پتو ڏين ٿيون، جيڪو گهٽ ٿيڻ بدران وڌي رهيو آهي ۽ جنهن بابت امجد اسلام امجد چيو هو ته؛
مانا نظر کے سامنے ہے بےشمار دھند
ہے دیکھنا کہ دھند کے اس پار کون ہے
ڌنڌ جو بهانو بڻائي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لاپتا رهندڙ پرزائيڊنگ آفيسرن کان پڇيو ويو ته رٽرننگ آفيسر طرفان اوهان کي هر هر فون ڪئي وئي، ڇا فون به ڌنڌ جي ڪري بند هئي؟ ويچارن وٽ ان جو ڪو به جواب نه ڏنو، اسان جي چونڊ عمل پهريون ڀيرو زراعت کاتي کي به بدنام ڪيو ۽ هاڻ موسميات کاتي کي بدنام ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نامعلوم ڌنڌ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لاپتا رهندڙ پرزائيڊنگ آفيسرن جي بازيابي لاءِ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ اعليٰ پوليس آفيسرن سان به رابطو ڪيو پر ڪنهن به اليڪشن ڪميشن سان تعاون نه ڪيو. ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن طرفان 20 فيبروري تي جاري ڪيل بيان صرف پنجاب حڪومت نه پر وفاقي حڪومت خلاف به هڪ چارج شيٽ آهي،اليڪشن ڪميشن جي بيان تي غور ڪيو ته محسوس ٿئي ٿو ته جڏهن 22 هين گريڊ جي وڏي آفيسر جو ضمير لاپتا ٿي وڃي ته 21 ۽ 20 گريڊ جي پوليس آفيسرن کان وٺي 19 هين ۽ 18 هين گريڊ جا ڪيترائي سرڪاري آفيسر نامعلوم ڌنڌ ۾ ڦاسي پون ٿا، اهي ماڻهو پنهنجون نوڪريون بچائيندي بچائيندي آئين ۽ قانون کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا ۽ جڏهن آئين ۽ قانون به لاپتا ٿي وڃي ته پوءِ عام شهرين جي نظر ۾ ڪنهن اداري جو احترام باقي نٿو رهي ۽ جڏهن ادارن جو احترام باقي نٿو رهي ته پوءِ قومي غيرت به گم ٿي وڃي ٿي، شڪر آهي ته نامعلوم ڌنڌ ۾ گم ٿيل ضميرن جو تعداد گهڻو نه آهي ۽ پاڪستاني قوم متحد ٿي اهڙن ضمير فروشن کان نجات حاصل ڪندي.