179

جديد عوامي شاعر ۽ سماجي ڪردار مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي….

ليکڪ: عابد مھيسر

26  نومبر 1939ع ۾ ٽنڊو باگو جي ديهھ ڏاڏاھه جي رھواسي سيد امام الله شاھ جي گھر جنم وٺندڙ سيد مرتضيٰ شاھه پنھنجي جنم ڀوميءَ يعني ڏاڏاھ کي ئي پنھنجي سڃاڻپ ۽ اھڃاڻ بنايو، پاڻ 1967ع ۾ ٽنڊوالھيار ۾ پنھنجي پوري ڪٽنب سميت رھائش اختيار ڪئي ۽ ھميشه ھميشه لاءِ ٽنڊوالھيار واسي بنجي شعر و شاعريءَ جي ڪرت ڪاريءَ سان جڙيل رھيو ۽ پنھنجو پورو وقت سنڌي شاعريءَ ۽ صحافت سميت سماجي سرگرمين ۾ گذاريو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن کان وٺي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تائين نشر ٿيندڙ سنڌي موسيقيءَ جي حوالي سان ھڪ مڃيل ۽ يگاني شاعر طور منفرد مقام ماڻيو ۽ ڏسندي ڏسندي سندس سوين گيت ، ڪلام ، غزل ، ڪافيون ۽ وايون سنڌواسين جي سماعتن جي نظر ٿي ويا ۽ گڏوگڏ سندس شاعريءَ ڇپائيءَ جي صورت ۾ ديس واسين جي نظرن سامھون آئي ۽ موٽ ۾ کيس ڀرپور مانَ ۽ مڃتا ملي۔ ان کانسواءِ سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي ڪيترائي ڀلوڙ راڳي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تان متعارف ڪرايا جيڪي اڄ به وڏي شوق سان ٻڌا ۽ پسند ڪيا ٿا وڃن مائي ڀاڳي به انھن راڳين ۾ شامل آھي، سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي پنھنجي ديني ۽ دنيائي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي ۽ سندس ئي مشورن ۽ نظرين پٽاندڙ زندگيءَ جي رنگن ۽ منطقن مان مشاھدا ماڻيا ۽ گھڻو ڪجهھ سِکي ۽ پِروھي پرچار ڪئي ۽ ان جا سمورا عڪس ۽ اولڙا پنھنجي شاعريءَ جي ڪئنواس تي چِٽيا ۽ سندس شاعريءَ ۾ استاد سنڌ جو مڃيل ۽ نامور عوامي شاعر محمد خان ”غني“ رھيو، جنھن کيس ادبي کيتر جي جڳ جھان ۾ پير پختا ڪرڻ جا عميق گڻ ۽ سمورو ھنر سمجھڻ ۽ زندگيءَ جي انيڪ رازن  رمزن کي پرکي پروڙي سماجي منظرن سان سينگاري پڌارڻ جي سِرت سيکاري ۽ شاعراڻو لب و لھجو نکارڻ جي اوائلي علمي آگاھي ارپي ھن يگاني ۽ البيلي شاعر شاعريءَ جي سمورين صنفن، جن ۾ ڪافي، غزل، گيت، نظم، وائي، حمد، منقبت، نعت ۽ مناجات وغيره تي دلفريب انداز ۾ طبع آزمائي ڪئي، جڏھن ته سنجيده شاعريءَ سان گڏوگڏ مزاحيه شاعري به ڪيائين، ان طرح نظم سان گڏوگڏ نثر طرف ڀرپور ڌيان ڏنو ۽ قلمڪاري ڪئي جنھن ۾ سماجي اوڻائين ۽ سڻائين طرف ڌيان ڇڪايو ۽ سنجيدگيءَ سان گڏوگڏ مزاح طرف به سندس ڪالم ۽ ليک شايع ٿيندا رھيا۔ سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي شاعري ۽ ادبي ليک 1960ع کان 1980ع وارن ڏهاڪن ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪثرت سان شايع ٿيندا رھيا ، سندس شاعري فڪري لحاظ کان گھڻو تڻو رومانوي ۽ عشقيه ئي آھي ، يعني پاڻ زياده ترجمالياتي شاعري ڪئي پر هن تاريخي ماڳن ۽ شخصيتن کي به پنھنجي شاعري ۾ سمويو ۽ سنڌي ثقافت ۽ تاريخي شھرن کي به موضوع بنايو ۽ نھايت ئي گھرائيءَ سان ماحولياتي نقش و نگاري شاعريءَ ذريعي پروئي اٿس، مطلب سندس شاعري زندگيءَ جي ھر رخ کي نروار ڪيو آھي. سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي رڳو شاعريءَ جي شھپارن سان جڙجي ويھي نه رھيو ، پر سماجي ڪارگذارين سان به ڳنڍيل رھيو ۽ ھڪ سچي ۽ ساڃاھ وند صحافيءَ جيان پنھنجو ڪردار نڀائڻ لڳو ۽ صحافت جي اٽل ۽ اتم پيشي سان زندگيءَ جو اھم ۽ گھڻو عرصو جوڙي رکيو ۽ عمر جا لڳ ڀڳ 35۔40 سال صحافت واري پيشي سان واڳيل رھيو ۽ ٽنڊوالھيار واسين کي صحافت جا گُڻ ۽ گَسَ ، پنڌ ۽ پيچرا ڏسيندو رھيو ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس برجسته ليک ۽ ڪالم به شايع ٿيندا رھيا ۽ ان دوران پاڻ سماجي آگاھيءَ خاطر علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رھيو ۽ پاڻ ئي بزم مرتضيٰ شاھ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي، ڏاڏاهي ادبي تنظيم ۽ پريس ڪلب ٽنڊي الهيارجو بنياد رکڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ نوجوان طبقي کي علمي ادبي سرگرمين طرف متوجه ڪيو، سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي شاندار جفاڪشين ۽ جاکوڙن سبب کيس مختلف انعامن اڪرامن سان به نوازيو ويو ۽ سندس ھمت افزائي پڻ ڪئي وئي ۽ مختلف علمي ادبي تنظيمن طرفان ”سهڻي ميهار گولڊ ميڊل“، ”نئين زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ “، ”قلندر شهباز ايوارڊ “ ۽ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ”بهترين شاعر جو ايوارڊ“، ”مهراڻ ڪلچرل ايوارڊ“، ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ايوارڊ“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار ايوارڊ“ سميت ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا، سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ کي سندس شاندار ادبي ۽ سماجي ڪارڪردگيءَ جي ڀيٽا طور 1992ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ سندس تاجپوشي ڪري کيس سونو تاج پارايو ويو ۽ پاڻ حسن ڪارڪردگيءَ جي بدلي صدارتي ايوارڊ به ماڻيائين. سندس نامور تصنيفن ۾  زهر و زم زم (شاعري1984ع)  تون پارس آءٌ لوهه (شاعري1994ع) سهڻا سرها گل (شاعري1995ع) مان ذرو تون ماهتاب (شاعري2011ع) ٿورا نه ٿورا (شاعري2015ع) نه هِن پاسي نه هُن پاسي (سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي جا سنجيده ۽ مزاحيه ڪالم) ڏاڏاھي جا ڏوھ ھزار (شاعري2017ع) وسري وياسين (شاعري (ڪافيون) 2019ع) شامل آهن، سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي ھيڏي وڏي مصروفيت باوجود نھايت انڪساريت ۽ نھٺائپ سان ھر ڪنھن سان ملندو ھو ۽ پاڻ ھردل عزيز ۽ ملنسار شخصيت جو مالڪ ھو ۽ وقت جي مانائتين ۽ نامور شخصيتن سان سندس سٺي ميل جول رھي خاص ڪري مخدوم محمد زمان طالب المولىٰٰ ، فضل احمد بچاڻي ، مخدوم امين فھيم ، نصير مرزا ، غلام قاسم المعروف ڪوثر ٻرڙو ، سيد صالح محمد شاھ ، ڊاڪٽر محمود مغل ، سليم بچاڻي ، سنڌي فلم اسٽار مشتاق چنگيزي ، ڪلاسيڪل راڳي ڍول فقير ۽ فنڪار قاسم اوٺو وغيره اهم آهن. سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي لڳ ڀڳ 82 ورھين جي ڄمار ۾ اڱاري ڏھاڙي 16 فيبروري 2021ع تي اسان کان ھميشه ھميشه لاءِ وڇڙي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو