ليکڪ: عاجز ميراڻي
سنڌ ۾ هونئن ته ڏينهون ڏينهن ڪيترا ئي واقعا پيش پيا اچن پر سماجي برائين جي ڳالهه ڪجي ته معاشري اندر ڪيترين ئي برائين به پنهنجيون پاڙون پختيون ڪري ورتيون آهن، جنهن ۾ معصوم ٻارن، عورتن ۽ خواجا سرائن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ انتهائي خطرناڪ حالت ۾ سامهون آيون آهن، بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته قانون جي رٽ قائم نه هجڻ، اختيارن جو غلط ۽ ناجائز استعمال، بدترين حڪمراني، چوريون، ڦرون، ڌاڙا، قبائلي جهيڙا، خونريزي، ڪارو ڪاري جي ناءُ تي قتل، عورتن تي تشدد، جرڳن ۽ فيصلن ۾ نياڻين جا سڱ چٽي ۾ ڏيڻ، رشوت جو عام ٿي وڃڻ، بي حيائي چوٽ چڙهي وڃڻ، نافرماني، انسانيت واري فلسفي کي نه سمجهڻ، ساڙ، حسد، نشي ۽ شراب جو عام ٿي وڃڻ، بنا سبب جي هوٽلن ۽ بازارن جو رخ ڪرڻ سميت ڪيتريون ئي اهڙيون علامتون ۽ سبب آهن، جن جو سڌي ريت معاشري مٿان ناڪاري اثر پئجي رهيو آهي.
سور پٽيندي صديون گذريون
پوءِ به لٿا نه پور، ماروئڙا مجبور
منهنجا سانگيئڙا مجبور
سماجي برائين ۾ اضافي جا هيٺيان ڪارڻ به ٿي سگهن ٿا جنهن ۾ جهالت جي انتها، خود شناسي واري سگهه ۾ گهٽتائي، تعليم کان دوري، عقل جو گهٽ استعمال، دانائن ۽ ڏاهن جي سماج ۾ ٿيندڙ برائين تي خاموشي، هاڪاري سوچ رکندڙ ماڻهن جي فڪر ۽ سوچ کي ٿڏي ڇڏڻ، هاڪاري لکڻيون نه هجڻ، تعليمي ادارن ۾ سماجي برائين کان بچڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت ۾ گهٽتائي شامل آهن، جنهنڪري معاشري اندر سماجي برائين ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملڪ ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍاين جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن. جن جو ذڪر ڪجي ته لڱ ڪانڊارجي ويندا، جنسي ڏاڍائي جو شڪار معصوم ٻارڙين، عوتن توڙي خواجا سرائن جو ذڪر ڪجي ته اکيون رت روئينديون ۽ پاڻ کي اشرف المخلوقات چوندي شرم محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. ڪنڌ شرم وچان جهڪي پوندو آهي ۽ ان سوچ ۽ فڪر ۾ پئجي ويندا آهيون ته آخر ڪار جنسي ڏاڍائي ڪندڙ انسان نما جانورن کي خدا جو خوف ڇو نه ٿيو جو هنن معصومن کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو. نه صرف سنڌ پر ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ اهڙي قسم جا ڀيانڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا پيش اچي چڪا آهن جيڪي پڻ انساني معاشري لاءِ سواليا نشان بڻيل آهن. اسان قصور جي زينب، پيرڳوٺ جي مونيڪا لاڙڪ ۽ دادو جي نينگري سان پيش آيل واقعي جي ڳالهه ڪريون ته اکيون ڀرجي وينديون، اهڙا ڪيترائي ئي واقعا ٿيندا آهن ۽ والدين لوڪ جي لڄ ۽ ملوث جوابدارن جي طاقتور هجڻ ڪري ظاهر ناهن ڪري سگهندا. اهو ته واضح آهي ته نه صرف بدفعلي جو شڪار ٿيل ٻار پر ان جو سمورو خاندان، اوڙو پاڙو توڙي شهر واسي سخت متاثر ٿين ٿا جنهن ڪري اهڙي عمل کي سماج جي اندر هڪ ناسور سمجهيو ويندو آهي. اهڙي ڪڌي عمل ۽ ڪريل حرڪتن سان متاثر ٻار سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيندا رهن ٿا ۽ زارون قطار روئيندا ۽ پريشان ٿيندا آهن. جنهڪري اسان سمجهون ٿا ته متاثر ٿيل ٻار جسماني، ذهني ۽ دماغي طور تي گهڻي عرصي تائين بيمار رهن ٿا. اهڙي بدبودار عمل ۾ والدين جي متاثر ٿيڻ جو اندازو پڻ نٿو لڳائي سگهجي ته اهڙن ٻارڙن جا والدين معاشري آڏو ڪهڙو جواب ڏيندا ته ان جي ٻار سان ڇا ڪيئن ۽ ڪيتري حد تائين ظلم ٿيو آهي. اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪومت بل قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ بل ته جلد پاس ڪرايو ويندو آهي، مذمتي ٺهراءُ سميت ميڊيا آڏو ڳوڙها ته ڳاڙيا ويندا آهن پر عملي طور تي حڪومت مڪمل طور بيوس ۽ لاچار نظر ايندي آهي، معاملو صرف جوابدارن جي گرفتاري تائين گرم رهندو آهي پوليس، چونڊيل نمائندا ۽ ميڊيا صرف ان حد تائين ئي سرگرم نظر ايندا آهن. جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ داخل ٿيل ڪيس جي پيروي چڱي ريت ناهي ڪئي ويندي، جڏهن جوابدار گرفتار ٿي ويندو آهي ته ان جا رشتيدار وري متاثر ٻار جي والدين تي دٻاءُ وجهي راڄوڻي ذريعي معاملي کي ختم ڪرائڻ ۾ گهڻي ريت ڪامياب ٿي ويندا آهن. ۽ متاثر ٻار جو نظرون انصاف جون منتظر هونديون آهن، نه صرف رياست پر سماجي ۾ رهندڙ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.