184

مضبوط خاندان مستحڪم معاشري جي ضرورت…!!

ليکڪ: وزيرعلي جمالي

انساني سماج جا سڀ کان حسين ۽ دلڪش نظارا خاندان(ڪٽنب)  جي دائري ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، مُڙس، زال جي محبت، ماءُ پيءَ جي شفقت، ننڍن سان پيار، وڏن جو احترام، بيمارن جي پرگهور لهڻ، معذورن جي مدد، بزرگن کي سهارو ڏيڻ، هڪٻئي جي مشڪل وقت ۾ ڪم اچڻ، خاندان جي سڀني ڀاتين کي پنهنجو سمجهڻ، خوشي ۽ غم جي موقعي تي گڏ ٿيڻ، مطلب ته خاندان هڪ ننڍو سماج هوندو آهي ۽ اهو ننڍڙو سماج يا معاشرو جيترو وڌيڪ مضبوط ۽ خوبصورت ٿيندو، معاشري ۽ سماج لاءِ اوترو ئي وڌيڪ فائديمند ۽ مددگار ثابت ٿيندو آهي، رشتا پالڻهار ٺاهيا آهن انڪري انهن کي مسلم معاشري ۾ هڪ خاص مقام ۽ مرتبو حاصل آهي، انهن کي ٽوڙڻ  يا انهن جي بي حرمتي ڪرڻ الله جي حدود کي ڪراس ڪرڻ ۽ نافرماني آهي، انڪري الله جو خوف ئي خانداني نظام ۽ رشتن کي جوڙڻ لاءِ سڀ کان وڏو محافظ آهي. خانداني نظام معاشري جي  اهميت بابت  رسول اڪرم صه جن فرمائن ٿا ”اسلام ۾ ڪا به عمارت الله کي ايتري پسند نه آهي جيتري نڪاح جي (وسيلي جڙندڙ) عمارت پسند آهي.” پاڻ سڳورن صه جتي نڪاح جي اهميت بيان ڪئي آهي اتي طلاق جي تمام گھڻي مذمت ڪئي آهي ۽ کيس بدترين جدائي جو عنوان ڏنو آهي، الله سائين کي ڪو به گهر ايترو ناپسند نه آهي جيترو طلاق وسيلي برباد ٿيندڙ گهر نا پسند آهي. خانداني هر عمارت جي تعمير ۽ بنياد، عدالت ۽ انصاف تي آهي. جنهن عمارت، اداري ۽ خاندان ۾ انصاف نه هجي اهو هميشه نٿو رهي سگهي. امام علي فرمائن ٿا ته عدالت ۽ انصاف تي سڄي ڪائنات جو بنياد آهي، الله سائين انهيءَ بنياد تي هڪ کان وڌيڪ گهرواريون رکڻ وارن کي عدالت ۽ انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو انصاف نٿو ڪري سگهي ته ان کي هڪ کان وڌيڪ شاديون نه ڪرڻ گهرجن، جئين ته قرآن مجيد فرمائي ٿو، ”ته پوءِ جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان کي هي انديشو هجي ته اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ شادي ڪريو“ معاشري جي بنياد جي پيڙهه جو پٿر خاندان جڏهن ته خاندان جا اهم رڪن مرد ۽ عورت آهن. خاندان جو سمورو دارومدار انهن ٻن شخصيتن تي ٻڌل ٿوڻين تي بيٺل هوندو آهي ۽ سندس مضبوطي ۽ بقا انهن ٻنهي تي ڀاڙي ٿي، معاشري ۾ قائم انسانن وچ ۾ قائم رشتن ۽ رشتن ۾ موجود پيار توڙي انهن رشتن کي نڀائڻ لاءِ اختيار ڪيل مفاهمت ۽ قدرن توڙي ريتن رسمن کي جنم ڏي ٿي جيڪي هر معاشري جي سڃاڻپ هوندا آهن. معاشري جي بنيادي ضرورت هڪ خاندان جو ڳنڍجڻ ۽ صحتمند معاشري ۾ انساني نسل ۾ اضافو، ٻارن جي پرورش ۽ ٻن نسلن وچ ۾ هڪجهڙائي ۽ محبت جي واڌ ويجهه، اسان جي معاشري ۾ خاندان جي ضرورتن جو خيال رکڻ مرد جي ذميواري هوندو آهي جڏهن ته ٻارن جي پرورش ۽ تربيت ۾ ماءُ جو اهم ڪردار هوندو آهي، ماءُ  ۽ پيءُ مٿان جيڪي به ذميواريون رکيل آهن انهن کي دل سان پورو ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ خانداني نظام ۾ ڏار پئجي سگهن ٿا. هڪ خاندان ۾ جيڪي ڏاڏو، ڏاڏي، والدين ۽ ٻار گڏجي رهن ٿا ته جهڙوڪ ان گهر ۾ ٽي نسل آباد آهن، جن جي وچ ۾ (Genreation Gap) به  موجود آهي، هاڻي هتي هر فرد تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو هڪٻئي جو احترام ڪري، خاص طور تي ٻارن کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته والدين جي اوهان جي زندگي ۾ ساڳي اهميت آهي جيڪا اوهان جي انهن جي نظرن ۾ اهميت آهي، هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ ن خاندان جي فردن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا رکڻ، احساسات ۽ جذبات کي سمجهڻ ۽ هڪٻئي جي ڏک سُک ۾ شريڪ ٿيڻ هڪ خوشحال خاندان جي نشاني آهي، پر اڄ ڪلهه هر ماڻهو پنهنجي ڌُن ۾ لڳل آهي، مصروف ٽائيم ماءُ پيءُ ٻارن کان پري ٿي رهيا آهن ۽ اولاد ۽ والدين ۾ تيزي سان وڇوٽيون پيدا ٿي رهيون آهن، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌڪ هڪٻئي سان گڏ رهڻ گهرجي، مغرب ۽ اسلام جي خاندان واري تصور ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته مغرب ۾ صرف هڪ عورت ۽ مرد جي جوڙي تي ٻڌل هوندو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي اولاد جنهن ۾ هڪ اڌ ٻار ئي مس هوندا آهن شامل هجن ٿا جڏهن ته اولاد جوان ٿيندي ئي پنهنجي الڳ زندگي گذارڻ شروع ڪري ڏي ٿو، ٻارن جي جوان ٿيڻ کان پوءِ والدين سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه ٿو رهي جڏهن ته اسلام ۾ خاندان جي بنيادي ٿوڻي  زال مڙس هجن ٿا، پر پُٽ، ڌيئر، پوٽا، پوٽيون، ڀائر، ڀيڻ، چاچا، ڦڦيون، ماما ماميون، ۽ ماسيون پڻ خاندان جو حصو هجن ٿا. اسلام ۾ خاندان محدود نه، پر هر روز واڌ ويجهه مان گذرندو رهي ٿو، چاچن، مامن، ڦڦين، ماسين جي اولاد تي ٻڌل اهو خاندان وڌندو، چند گهرن مان پاڙو ۽ ڳوٺ بڻجي وڃي ٿو. اسلام  مختلف حڪمن ذريعي خاندان جي گڏيل لاڳاپن کي مضبوط ڪري ٿو، اسلام خاندان لاڳاپن کي هڪ زنجير جي صورت ۾ پاڻ ۾ جوڙي رکيو آهي، دين اسلام انساني زندگي کي ٻه اهم بنياد فراهم ڪري ٿو، پهريون اهو ته انسان ۽ ان جي معبود الله تبارڪ وتعالى وچ ۾ مضبوط تعلق هجي، ٻيو اهو ته انسان جا ٻين انسانن سان بهترين لاڳاپا هجن، اهل ايمان جي وچ ۾ محبت، الفت، مٽي مائٽي مسلم خاندان جي بقا ، تحفظ توڙي نشونما لاءِ هر گهڙي الله جو خوف دلين ۾ هجڻ لازمي آهي، پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ مغربي تهذيب، ڇڙواڳ ميڊيا، مادر پدر آزادي ۽ عورت کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ واري روش جي ڪري اسان جو خانداني نظام سخت خطري ۾ پئجي چڪو آهي. گذريل  ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان اندر طلاق جي شرح ۾ 60 سيڪڙو اضافو خطري جي گهنٽي آهي، سن 2000ع ۾ آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ طلاق جي شرح نه هئڻ جي برابر هئي، پر بدقسمتي سان هن وقت اهو رحجان تيزي سان وڌي رهيو آهي، اعلى تعليم يافته ۽ ملازمت پيشه عورتن ۾ خلع وٺڻ جو لاڙو تيزي سان وڌيو آهي، خود ڪمائڻ ۽ خود ڪفيل هئڻ جي گهمنڊ معاشرتي بي راه روي خانداني نظام کي تباهي جي ڪناري تي اچي بيهاريو آهي. مسلمان جنهن دين کي مڃڻ وارا آهن ان جي پنهنجي مڪمل تهذيب آهي، ان ۾ ڪا معمولي کوٽ به نه آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسين غيرن جي تهذيب  کان اُڌار وٺون پر اسان جو نوجوان نسل هن وقت جنهن راه تي گامزن آهي ان جي پوڇڙ ۾ ٻاٽ اونداهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به  ناهي، اهڙي صورتحال ۾ هن دور جي نوجوان نسل کي خانداني نظام جي حفاظت لاءِ والدين تي ذميواري آهي ته هو کين اسلامي تهذيب کان واقف ڪن ڇو ته اڄ جو نوجوان نسل پنهنجي قدرن ۽ جديديت وچ ۾ پُل جي حيثيت رکي ٿو، جن پنهنجي اکين سان تهذيبن جي هن ڪشمڪش ۽ مغربيت کي معاشري ۾ پکڙجندي ڏٺو آهي، والدين لاءِ لازمي آهي ته اهي اسلامي ۽ مشرقي قدرن کي پنهنجي ايندڙ نسلن ۾ منتقل ڪن، اهو فقط ان وقت ممڪن آهي جڏهن اسان سڀ ان نظام حيات طرف موٽي وڃون جيڪو ربِ ڪائنات اسان کي عطا ڪيو آهي، اسان جي لاپرواهي ايندڙن نسل کي ڀوڳڻي پوندي، ان ڪري هوش کان ڪم وٺندي پنهنجي اولين ذميواري کي نڀائيندي پنهنجي اولاد جي ديني تربيت تي ڌيان ڏيون ائين نه ٿئي متان دير ٿي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو