155

اليڪشن ڪميشن اين اي 75 ڊسڪا تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اين اي 75 ڊسڪا واري سڄي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 75 ڊسڪا بابت ٻڌڻي ٿي. تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوار علي اسجد ملهي پنهنجي وڪيل علي ظفر ذريعي موقف اختيار ڪيو ته فائرنگ هر چونڊ ۾ ٿيندي آهي، ان لاءِ شڪايت نه ڪئي، هر علائقي جي ووٽرن جي مرضي آهي ته ووٽ وجهن يا نه وجهن، تڪ ۾ وڏي پيماني تي بيضابطگيون ٿيون ۽ عورتن کي ووٽ ڏيڻ کان به روڪيو ويو. علي ظفر جو چوڻ هو ته عمران خان اڳواڻ طور چيو هو ته 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊن تي اعتراض ناهي، اميدوار طور علي اسجد ملهي کي ٻيهر پولنگ تي اعتراض آهي، عدالت اين اي 75 جا چونڊ نتيجا جاري ڪري. ن ليگ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا تڪراري 20 پولنگ اسٽيشنز جي ووٽن جي فرانزڪ آڊٽ ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته پوري تڪ ۾ فائرنگ ٿي، فائرنگ ڪندڙ جيڪي به هجن پر ووٽر حراسان ٿيا، پهريون ڀيرو اهڙي اليڪشن ڪميشن آئي آهي جيڪا سچ ڳالهائي رهي آهي. ن ليگ جي وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن سڄي چونڊ عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ بااختيار آهي، چونڊ عمل سان انتهائي شرمناڪ دوکو ڪيو ويو، پرزائيڊنگ آفيسرن جا موبائل ۽ پوليس جا وائرليس هڪ ئي وقت بند ٿي ويا، اليڪشن ڪميشن جمهوريت جي محافظ آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته عام چونڊن ۾ به فارم 45 جو مسئلو سامهون آيو، جڏهن ته ننڍي چونڊ ۾ اليڪشن ڪميشن کي فارم 45 نه ملڻ جي شڪايت نه آئي. چيف اليڪشن ڪمشنر تڪ اين اي 75 ڊسڪا بابت ٻڌڻي تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو بعد ۾ ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته سڄي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي. تڪ ۾ ٻيهر چونڊ وارو عمل 18 مارچ تي ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو