لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته آئيني مدو پورو ڪرڻ وارو فارمولو چونڊيل حڪومت تي اپلائي ٿيندو آهي سليڪٽيڊ حڪومت تي نه. جاتي امراءَ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ پيپلز پارٽي جي وفد جي ٿورائتي آهيان، يوسف رضا گيلاني کي جمهوريت پسند ماڻهو چاهين ٿا، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان قوم جا ڏوهاري آهن. هن چيو ته عوام تي مهانگائي جي صورت ۾ قيامت ڪڙڪي آهي، اڻ چونڊيل حڪومت ٽن سالن ۾ عوام جي زندگي تنگ ڪري وڌي آهي، حڪومت جي سپورٽ ختم ٿيندي نظر اچي پئي، تحريڪ انصاف خلاف هر صوبي ۾ بغاوت پيدا ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اسان رڳو ۽ رڳو سينيٽ چونڊ وڙهي رهيا آهيون، اوپن بيلٽ جو فيصلو ڪرڻو آهي ته اهو پارليامينٽ جو ڪم آهي عدالت جو نه، اها عدالت تي داغ مڙهڻ واري ڳالهه آهي، ان کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته آئين ۾ تبديلي پارليامينٽ کي آڻڻي آهي، اسان جعلي حڪومت سان گڏ نه ويهنداسين.
184