156

سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ تي 10 مسجدون عارضي طور تي بند

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ تي 10 مسجدن کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. سعودي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق سعودي مذهبي معاملن واري وزارت اهو فيصلو نمازين ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيو جنهن کانپوءِ رياض، مڪه ۽ مدينه سميت 5 شهرن ۾ 10 مسجدن کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. 10 مسجدن مان 3 کي مڪمل سينيٽائز ڪري ٻيهر کوليو ويو آهي. سعودي عرب ۾ تازن هفتن دوران 135 مسجدن کي ڪورونا ڪيسز سامهون اچڻ تي بند ڪيو ويو جن مان 108 کي مڪمل طور تي سينيٽائز ڪري ٻيهر کوليو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو