168

پنجاب ۾ سينيٽ جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سينيٽ جي سمورين 11 خالي سيٽن تي چونڊون بنا مقابلي ٿي ويون آهن. اليڪشن ڪميشن پنجاب جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ سينيٽ جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پنجاب مطابق ٽيڪنوڪريٽس ۽ جنرل سيٽن تي سمورين پارٽين جا اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن. ڪامياب ٿيندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، سعيد علي ظفر، ڊاڪٽر زرقا ۽ سعديا عباسي به شامل آهن. اليڪشن ڪميشن مطابق عظيم الحق منهاس ۽ سيف الملڪوڪ کوکر نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا. اليڪشن ڪميش مطابق ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعجاز چوڌري، عون عباس ۽ ڪامل آغا به ڪامياب ٿي ويا آهن. ان کانسواءِ سيف الله سرور نيازي ۽ مشاهد الله خان جو پٽ افنان الله خان به بنا مقابلي پنجاب جا سينيٽر چونڊجي ويا آهن. ان سمورن اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن سڀاڻي جاري ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو