174

پرويز مشرف جي سزا تي پريس ڪانفرنس: شهزاد اڪبر عدالت ۾ معافي گهري ورتي

پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ واري فيصلي تي وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس واري ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر معافي گهري ورتي آهي. شهزاد اڪبر چيو ته هو عدالت جي توهين جو سوچي به نٿو سگهي، اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور به عدالت کان معذرت ڪئي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي خلاف ڪو فيصلو اچي ته جذباتي نه ٿيڻ گهرجي، اٽارني جنرل انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس ۾ هن فيصلي جو حوالو ڏنو، هڪ پاسي اوهان فيصلي کي سٺو قرار ڏيو ٿا ۽ ٻئي پاسي فيصلي خلاف پريس ڪانفرنس ڪريو ٿا. عدالت وزيراعظم عمران خان کي قسم نامو جمع ڪرائڻ ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو