اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 32 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1541 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 541 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 32 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 29 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 20 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 19 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 31 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 34 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 846 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 709، پنجاب ۾ 18 هزار 79، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 995، اسلام آباد ۾ 6 هزار 252، بلوچستان ۾ 802، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 664 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 42 هزار 393 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 216 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 22 هزار 285 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 77 هزار 482 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 10 هزار 101، بلوچستان ۾ 19 هزار 35، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 956، اسلام آباد ۾ 44 هزار 32، خيبرپختونخواهه ۾ 71 هزار 728، پنجاب ۾ 1 لک 70 هزار 222 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 57 هزار 408 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 804 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 322 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 323 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15 مريض فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 65 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 496 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 200 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 296 فوتگيون ٿيون. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 88 لک 73 هزار 741 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 18 مريض علاج هيٺ آهن.
143