فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ نوجوان ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي پاڙيسري کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڀاڄائي کي زخمي ڪري وڌو آهي. پوليس مطابق ڳوٺ گڙتل ۾ آصف نالي جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي پاڙيسري سفيان کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پنهنجي ڀاڄائي کي سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. پوليس مطابق مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.
