174

پهرين مارچ کان پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان، اوگرا پاران پيٽرول 20 رپيا مهانگو ڪرڻ تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا پهرين مارچ کان پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق پهرين مارچ کان پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ ان حوالي سان اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ڇڏي آهي. ذريعن مطابق پيٽروليم ڊويزن کي اماڻيل سمري ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ 20 رپيا 7 پئسا ۽ ڊيزل جي في ليٽر اگهه ۾ 19 رپيا 61 پئسا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو