اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ انتظاميا کي اسلام آباد ڪچهري ۾ وڪيلن جا چيمبر ڊاهڻ کان روڪيندي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. روسٽرم تي وڪيلن پاران هجوم گڏ ڪرڻ تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته چيو ته عدالت ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ايندي، عدالت کي دٻاءُ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش نه ڪريو، اسان به وڪيل رهيا آهيون پر اهڙي حرڪت ڪڏهن به ناهي ڪئي، ڪنهن وڪيل کي پريڪٽس ڪرڻي آهي ته پنهنجي آفيس پاڻ ٺاهي، عوامي هنڌن تي قبضو ڪرڻ وڪيلن جو ڪم ناهي، ڇا ڊاٿل چيمبر وڪيلن جي ملڪيت هئا جو مڇرجي نڪتا؟ وڪيل روسٽرم تي بيهي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪن، وڪيل جنهن اداري جو حصو آهن ان جو احترام به ٿيڻ گهرجي، چيمبر ٺاهڻ کانپوءِ ان کي ذاتي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي، اسلام آباد بار ان چيمبرن کي الاٽ ڪرڻ ۾ شامل رهي آهي، ڇا ڪو قانون هن زمين کي وڪيلن کي ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ وڪيلن کي آفيسون ٺاهي ڪم ڪرڻ گهرجي نه ڪي عوامي هنڌن تي قبضا ڪجن، اهو ڪهڙو طريقو آهي جو جتي چار وڪيل گڏ ٿين ته مائيڪرو فون کڻي تقرير شروع ڪجي، وڪيل عدليا جو حصو ٿي ڪري ان خلاف ڪيترو ڪجهه ڳالهائين ٿا. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته پلي گرائونڊ ۽ ايمونٽي پلاٽن تي ڄاڻايل چيمبر اڏيا ويا. سپريم ڪورٽ اسلام آباد بار ڪونسل جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي وڃي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
