152

حڪومت جي مدي جا رهيل ڏينهن ۽ پاليسيون….

ليکڪ: رياض ابڙو

ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته حڪومت ۽ ادارا ملي جلي رڳو عوام کي چريو ۽ انڌو ڪري ڦُري کائي ٿا وڃن، وقت گذرڻ سان اهي ڪوڙ بدوڙ سچ ٿي ٿا پون يا پنهنجي وقت جا نسورا ڪوڙ، ڇو ته ماضيءَ جا جيڪي به واقعا گذريا آهن جي ڏسجن ته اهي هاڻي جا زبردست ڪوڙ ثابت ٿيا آهن، ائين ئي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نوازشريف کان هنن لکرائي ورتو هو ته هو ملڪ ۾ تيستائين نه ايندو جيستائين هنن پي ٽي آءِ وارن جي حڪومت هلندي رهندي، نوازشريف لنڊن ۾ ويهي رهيو ۽ تيستائين واپس نه ايندو جيستائين خان جي ڪرسي باقي آهي، ماڻهن ته اها سائنس هاڻي سمجهي ورتي آهي ته پي ٽي آءِ جا پنج سال گذارڻ ائين ئي ۽ اهڙن رمزن ۽ رازن سان ممڪن آهي جيڪي هي عوام جي آڏو پيش ڪندا ٿا رهن ۽ ڪندا رهندا، ڇو ته اسيمبليءَ ۾ اها ڳالهھ چوڻي ضرور اٿن ته ”چور ٿا پڪڙيون“هاڻي ڪهڙا چور پڪڙيندا، پنهنجا يا پراوا؟ پر هڪ ڳالهھ مڃڻ جهڙي آهي ته پي ٽي آءِ وارا نوازشريف کي واپس نه آڻي سگهندا، ڪجهھ به ڪن، ڇو ته اشوز جي ڀرمار، پنهنجن سورن ۽ ڏولاون ۾ هنن کان سڀ اشوز وسري ويا آهن، جيڪي روز صرف اها ڳالهھ ڪندا هئا ته نوازشريف اڄ نه ته سڀاڻي جيل ۾ هوندو، پر ديواني جو خواب آهي جو هي ڪنهن به وڏي سياسي ”فگر“ کي جيل موڪلي سگهن، هاڻي ته هنن پي ٽي آءِ وارن نوازشريف جي ”پاسپورٽ“ جو اشو ختم ئي ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته هنن کي سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ وقتي معاملا اٿارڻا هوندا آهن ته جيئن سياسي معاملن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهجي، نوازشريف جي پارٽي جا اڳواڻ اهو ته سمجهن ٿا ته پاسپورٽ جو ملڻ نه ملڻ ڪا حيثيت رکي ئي نه ٿو ۽ نه ئي ان ڳالهھ ۾ ڪو دم آهي ته جي پاسپورٽ نه ٺهيو ته نوازشريف ملڪ نه اچي سگهندو، هو ته چاهي ٿو ته ملڪ تيستائين نه موٽي جيستائين پي ٽي آءِ وارن جي حڪومت آهي، هرڀرو جيلن ۾ ڇو گذاري، بنا ڏوھه گناھه جي نظربند ڇو رهي، جڏهن ته هن وٽ لنڊن ۾ رهڻ جا جواز کوڙ آهن، هتي پاڪستان ۾ اچي ڇا ڪندو؟ معنيٰ هروڀرو گهل واري سياست، ڪجهھ نبرڻ وارو ته آهي ئي نه، جنهن جي آسري ويهي سياست ڪجي، نوازشريف جا ٻار جيڪي لنڊن ۾ بهترين ڪاروبار پيا هلائين، انهن کي خبر آهي ته نواز شريف جي پاسپورٽ جو مدو جيڪو 16 فيبروري تي پورو ٿيڻ وارو هو، ان کي جي پاڪستاني سرڪار ”رِنيو“ نه ٿي ڪري (يا نه ٿي ڪرڻ چاهي) ته به نوازشريف جي لاءِ ڀلو آهي، معنيٰ ٻنهي پاسي هن جي ڀلائي آهي،  معنيٰ هو پاڪستان نه اچي سگهندو، جي نه ايندو ته ڪيسن جي ڏچي کان بچي ويندو، پوءِ ڀلو ته نوازشريف جو ٿيو.

پي ٽي آءِ وارن کي اها آلجبرا به سمجهھ ۾ نه ٿي اچي، ڇو ته هنن کي اڍائي سال رڳو حڪومت جي ڪمن کي سمجهڻ ۾ لڳي ويا، هاڻي اهي جوڙ ڪٽ هنن کي ڪير سمجهائي ته نوازشريف جو ڀلو ڇا ۾ آهي يا بُرو ڇا ۾ آهي. وري ڳالهھ اها به آهي ته نوازشريف جي پٽن جو ڪاروبار اتي ڄميل آهي، اهي اتان جا پڪا شهري آهن، وري اهو به آهي ته برطانيا سرڪار کي ٻيو ڇا کپي جو اتي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو اربين ڊالرز جا ڪاروبار هلائن، جهجهي مقدار ۾ پئسن جي ڏي وٺ ڪن، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ پئسا سيڙائين، اتي رهي اتان جي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وسيلا ۽ ذريعا بڻجن، حڪومت جو ٽيڪس وڌائين، ٻيو ڇا کپين؟ وري اهو به آهي ته نوازشريف هاڻي 72 سالن جو آهي ۽ ماڻهو جڏهن 65 سالن جي عمر کان ٽپي ٿو تڏهن ان جي مٿان ”ڊپينڊينسي لا“ اپلاءِ ٿئي ٿو، جنهن تحت ماڻهو پنهنجن ٻارن سان رهي سگهي ٿو، وري اها به حقيقت هئي ته جيڪو ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ علاج معالجي جي بهاني وڃي ٿو اهو اتي گهٽ ۾ گهٽ ارڙهن مهينا رهي سگهي ٿو پوءِ ڀلي ان جو پاسپورٽ جو مدو ختم هجي، پر وڃڻ کان پهرين اهو شرط به هوندو آهي ته پاسپورٽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جي مدي وارو هجي، نه ته ٻي صورت ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ اچڻ نه ڏيندا، پر هن جي لاءِ اهڙي ڪنهن به شرط جي گنجائش نه هئي هن جي لاءِ سڀ رستا آجا هئا، نوازشريف کي ٻي به گنجائش به آهي ته هن وٽ 10 سالن جي ويزا آهي، جنهن جي بنياد تي هي برطانيا ۾ رهي سگهي ٿو، پوءِ اتي پاسپورٽ جو مسئلو ته آهي ئي نه، ڳالهھ بنيادي طور تي اها آهي ته شروع ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ رڳو انٽري هڻجي، جي ماڻهو داخل ٿي ويو ۽ وڃڻ تي ڪا به رڪاوٽ نه آيس ۽ شروع ۾ ئي جي سڀ رستا ڪليئر ٿي ويس ته پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي ويزا جي مدي تائين رهي سگهي ٿو، پر هن وٽ ته ٻيا به آپشن آهن جيڪي ڪنهن به رڪاوٽ جي صورت نه بڻبا، وري اهو به آهي ته نوازشريف وٽ جهجهي دولت آهي، هو اتي رهي سيڙپڪاري به ڪري سگهي ٿو، جيستائين هو اتي رهڻ چاهي، جئين هي سعودي سرڪار جي آشيرواد ۾ رهيو، جڏهن هن تي مشرف گهيرو تنگ ڪيو هو تڏهن هن به ساڳي ڪار ڪئي هئي جو سعودي ۾ فيڪٽريون هڻي پنهنجو رهڻ سجايو ڪيو هيائين، هاڻي به هن وٽ آپشن کوڙ ۽ ڪم هزار اٿس پر پي ٽي آءِ وارن جي سکڻي سياست رڳو ماڻهن کي چريو ڪرڻ آهي ۽ ائين هنن جا پنج سال پورا ٿي ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو