192

صادق تنھنجي سار رهندي سدا ساهه ۾…!!

ليکڪ: ونود ڏوٿي

ڪنھن ٿي ڄاتو ته بھار جي دلربا موسم اسان کي اڪيلو ڪندي. ڪنھن ٿي ڄاتو ته ھولي جون سڀئي حُسناڪيون ۽ رنگ بي رنگ بڻبا. سنڌ ته اڃا صادق سان ھزارين شامون ملھائڻ جا خواب پئي ڏٺا. پر افسوس اھي خوبصورت خواب ساڀيان جي منزل نه ماڻي سگھيا، وقت جي بيرحمي چئجي، يا ستم ظريفي. جيون جي نه وسرندڙ شام جو حسين پھر، قھر جيان محسوس ٿيو ھو، جڏھن صادق جي وڇوڙي جي خبر سنڌ مٿان وڄ جيان ڪري ھئي ۽ ھڪ بخملي جُھونگار مٺي کان موڪلائي ٿر جي ڀٽن ۾ الوپ ٿي ھئي، ھر پاسي ڌُنڌ، مايوسي ۽ ماٺاڻ جو منظر ڇانيل ھو، مٺي کان محبتون موڪلائي ويون ھيون، ڪنوارين جا ڪوڏيلا ٽھڪ لڙڪن ۾ بدليا ھئا، ھو ڌنار زخمي ٿي پيو ھو، جيڪو تتل سمي روھيڙي ھيٺ ويھي صادق جو ڳايل گيت، ”مُنھنجي ٿر جو حال جي پُڇندين، روئي پوندين“ ٻڌندو ھو، ھو جُھونو به اندر ۾ جُھري پيو ھو، جو پرھه ويلي سگريٽ جا سوٽا ھڻندي صادق فقير جي صدا ”جواني نه رھندي جواني نه رھندي“ جھونگاريندو ھو. ھو پريمڪا سُڏڪي پئي ھئي جا ٽيج ڏڻ تي پنھنجي پريمي کي ساري، ”آنکڙلي فڙوڪي ماري گھران نا پڌارو“ ٻڌندي ھئي. اُھي ديوانا اوڇنگارون ڏيڻ لڳا ھئا، جن چانڊوڪي راتين ۾ ٿر جي ريٽن مٿي ”ھا آئون گنھگار مُون پيار ڪيو“ تي رقص ڪيا ھئا. صادق فقير سنگيت جي اھا سدابھار صدا ھئي، جنھن جي راڳ ۾ مورن جي ٽھوڪن جھڙي مٺاس ھئي. ته پرھه جي ھير جھڙو ھڳاءُ به ھو. تڏھن ته شيخ اياز چيو ھو ته ”مُنھنجي شاعري کي پنجاھه سالن کان جنھن انسان جي آواز جي تلاش ھئي، اھو صادق فقير جي روپ ۾ ملي ويو آھي“ ۽ عبدالواحد آريسر چيو ھو ته ”صادق فقير جنهن جي راڳ ٻڌڻ لاءِ آئون ائين بيقرار هوندو آهيان، جيئن ازل جا اُڃايل چار چپ هڪ ٻئي ۾ پيوست ٿيڻ لاءِ بيقرار هوندا آهن“ بھار جي رُت جي بيوفائي ۽ يار جي جُدائي. سنڌ لاءِ ڪيڏو نه وڏو نه سھڻ جھڙو صدمو ھو، جڏھن ٿر جو ٻاٻيھو ھميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي پيو ھو. ھا اڄوڪو ئي ڏينھن ھو، جڏھن ھر پاسي ڳوڙھن جي برسات وسِي پئي ھئي. سمورو شھر سُنسان ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ ڪو ڪاريھر نانگ سراپي ويو ھُجي. ”دل کي ڌوڏيندڙ ھي گھڙي آھي، شام لڙي آھي“ واقعي شام لڙي ھُئي ۽ دل کي ڌوڏيندڙ ئي گھڙي ھئي. جڏھن اڀاڳي ايمبولينس مٺي جي گلين مان وراڪا پئي ڏنا. فضا خاموش ٿي پئي ھئي ۽ يار جي سفر جي پڄاڻي ٿي پئي ھئي. اُھي چاھت ڀريا چپ به چُپ ھئا. اکين کي گھري ننڍ اچي پئي ھئي،  جڏھن ھزارين ڏڪندڙ ھٿن سان سنڌ واسين پنھنجي محبوب جو چندرما چھرو چُمي مٽي ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھئي. تڏھن نه رڳو مٺي ماٺ جي چادر اوڍي سُتي ھئي. پر سمورو صحرا ٿر ۽ سنڌ سوڳواري جو ڪارو چولو پائي ماتم پئي ڪيو. سُڏڪن جو نه کُٽندڙ سلسلو، راھ تي وڇايل گُلابي پنکڙيون، ھزارين ماڻھن جو ميڙ، ھي سڀ صادق فقير جي پيار جو پورھيو ئي ھو ۽ آخر اڄوڪي ڏينھن جي وچين ويل صادق فقير کي ٿر جي ٿڌڙي واري جي وڇاڻي تي سُمھاريو ويو، وڇوڙي کي پُورا ڇهھ سال وھامي ويا آھن. پر صادق فقير اڄ به ھزارين دلين ۾ ڌڙڪي ٿو ۽ صدين تائين ڌڙڪندو رھندو. سنڌ جي تاريخ ڪڏھن به صادق جو پيار وساري نٿي سگھي، ڇو ته صادق به سنڌ کي اهڙو ئي پيار ڏنو، سنڌ واسين لاءِ سدائين محبتون رکيون، صادق پنهنجي دور جو اهڙو فنڪار هو، اهڙو منگتو هو، اهڙو ڏاتار هو، جنهن رڳو ڏيڻ ڄاتو، وٺڻ لاءِ هن رڳو محبتون ورتيون، هي پهريون فنڪار هو، جنهن ڪڏهن به فن کي پئسي ۾ توري نه ڏٺو، صرف اهو ڏسندو هو ته دعوت ڏيندڙ جي اکين ۾ ڪيتري محبت آهي، جيڪڏهن اتي اٿاهه پيار هوندو هو ته صادق هڙان وڙان خرچ ڪري وڃي محفل ڪري ايندو هو، هن جي رولاڪ روح سنڌ جي گهٽي گهٽي، شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ جبينن جا محبتن ڀريا سجده ڪيا، صادق پهريون فنڪار هو، جيڪو رسالا ۽ ڪتاب پڙهي سٺي شاعري جي چونڊ ڪري ان کي پنهنجي سر جو آلاپ ڏئي امر ڪندو هو، هن سنڌ جي نوجوان ٽهي کي ڳايو ۽ بنا لالچ جي ڳايو، ان ڪري سنڌ جي هر ٽهي ساڻس اهڙو پيار ڪندي هئي، اڄ ڇھين ورسي تي سُرخ سلام ساڻ مھانتا مٽيءَ تي چار چُميون قبول پون.

نيٺ  وچين  جو  ٿيندو  ويلو

ھر ڪنھن جو ھت خير ھجي

آئون   سج  لٿي  جو  ويندس

مون سان  گڏ  ھزارين  ھوندا

آئون  پوءِ  به  اڪيلو  ويندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو