ليکڪ: ظهير حسين ملوڪاڻي
برما جنهن ستر سال اڳ برطانيه کان آزادي ماڻي، ھن ملڪ جي اتر ۾ چين، اوڀر ۾ ٿائلينڊ، اتر اولهه ۾ ڀارت ۽ اولهه ۾ بنگلاديش آهي. ھن ملڪ تاج برطانيه کان آزادي ماڻڻ کانپوءِ، اڃا پنهنجي ترقي، سالميت ۽ خودمختياري جو سفر شروع ئي ڪونه ڪيو ھو ته فوجي مارشل لا جو ھڪ اھڙو دور شروع ٿيو، جنهن ختم ٿيڻ جو نالو ئي ڪونه ٿي ورتو. ھر ڊڪٽيٽر ھن ملڪ جي عوام کي سهڻا خواب ڏيکاريا ۽ پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ھر ڊڪٽيٽر سياست جو به سهارو ورتو ۽ نتيجو اهو نڪتو ته ھي غريب ملڪ وڌيڪ غربت ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويو، گهڻي عرصي کان لڳل فوجي مارشل لا ھن ملڪ جي ھر طبقي، ھر اداري ۽ ھر سيڪٽر ۾ فوجي گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ملڪي سياست، معيشت، پرڏيهي پاليسي، ايستائين جو بيورو ڪريسي به فوج جي پوئلڳي ۾ اچي ويون. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ھن ملڪ ۾ ھڪ آئين جو بنياد پيو، پر آئين ۽ جهموريت جي خوف کان بيزار جنرلن ملڪ جي آئين سان مختلف دورن ۾ کيڏيو ۽ ان آئين کي فقط پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو، ساڳي ئي آئين ھيٺ، پنهنجي مرضيءَ جي ھڪ سياسي پارٽي قائم ڪئي وئي، پر اھا سياسي جماعت صرف ھائبرڊ طور استعمال ٿي، حقيقي طاقت، اقتدار ۽ اختيار فوج جي مٺ ۾ ئي قيد رھيو، ڊگهي عرصي واريون فوجي حڪومتون ڪيترن ئي عالمي پابندين، انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سبب بڻيون. هن ملڪ ۾، سول ۽ فوجي قوتن، جمهوري ۽ غير جمهوري آوازن جي وچ ۾ ھر وقت ڇڪتاڻ برقرار رھي. آخرڪار، هڪ ڊگهي ۽ ڏکي جدوجهد کانپوءِ 21 صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، فوجي آمر شڪست کائي ويو. ۽ اپوزيشن جا جلاوطن اڳواڻ واپس ڏيهه موٽي آيا، سياسي قيدي قيدين کان آزاد ٿي ويا ۽ هڪ شهري حڪومت ٺاهي وئي پر جڏهن بغير ڪنهن شرڪت جي ڪافي عرصي تائين اقتدار فوج جي هٿ ۾ رھيو ۽ اهو اقتدار سول حڪومت ڏانهن يا عوام جي سياسي پارٽين ڏانهن منتقل ڪرڻ يقينن مشڪل ڪم آهي، ۽ ساڳيو ئي ڪجهه هن ملڪ جي فوج سان ٿيو. ڪجهه جنرلن ايندڙ عام چونڊن تائين سياست ۽ حڪومت ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو نه ڪيو. مشهور سياسي اڳواڻ جي مقابلي ۾ فوج هڪ ٻي سياسي جماعت جي پٺڀرائي ڪئي ۽ عام چونڊن ۾ پنهنجي من پسند سياسي پارٽي کي سوڀ ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر جڏهن چونڊ ٿي ته ماڻهن جي وڏي تعداد پنهنجي من پسند سياسي پارٽي کي ووٽ ڏنو، پر مخالف سياسي جماعت، فوج جي من پسند، ۽ فوج جي پٺڀرائي حاصل ڪندڙ جماعت اليڪشن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ شروع ڪري ڏنا ۽ نئين اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پر اليڪشن ڪميشن پارٽي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان اقرار ڪيو ته، اليڪشن ۾ ڪا منظم ڌانڌلي نه ٿي آھي ۽ اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرايون آهن، حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿيون، جنهن جي پويان خود فوج جو ھٿ ھو، آخرڪار حالتون ايتريون خراب ٿيون جو پهرين فيبروري 2021ع تي فوج آخرڪار اقتدار حاصل ڪري مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو، هي ميانمار (اڳ ۾ برما جي نالي سان سڃاتو ويندو هو) ميانمار جي صورتحال ڏسي پوري دنيا حيران ٿي رهي آهي، جتي فوجي مارشل لا جي خلاف ماڻهن جو هڪ سمنڊ ملڪ ۾ روڊن تي نڪري چڪو آهي. عوام هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙيندي موجوده اختلافن کي وساري آمريت جي خلاف ديوار بڻجي روڊن تي بيٺو آهي. ملڪ جو هر حصو مارشل لا ۽ فوجي جنرلن خلاف انقلاب جو آواز بڻجي چڪو آهي، جوان، پوڙها، مرد ۽ عورتون، هر طبقي جي ماڻهو هن وقت تائين شيفن (کاڌو ٺاهڻ جا ڪاريگر) به پنهنجي انداز ۾ هن ملڪگير انقلاب جو حصو آهن، بيوروڪريسي، جيڪا ڊگهي عرصي کان فوجي جي اثر هيٺ آهي، ان جي آفيسرن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هتان جي ماڻهن هن نظام جو حصو بڻجڻ کان پڻ انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مختلف جڳهين ۽ رستن تي لکيل آهي ته ”اسان جمهوريت چاھيون ٿا“ فوجي مارشل لا جي انڪار جي ھڪ اھڙي پڪار پوري ملڪ ۾ گونجي آهي، في الحال ته هن وقت فوجي آمر هڪ سال لاءِ ملڪ ۾ هنگامي حالت جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ ھن پنهنجي پهرين عوامي خطاب ۾ واعدو ڪيو آهي ته هو جلد ئي ملڪ ۾ آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائيندو، جلد ئي صحيح جمهوريت قائم ٿيندي، پر عوام نئين فوجي آمر کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ملڪگير تحريڪ جو بنياد رکي چڪو آهي، ميانمار ۾ ترقي يافته ۽ مظلوم طبقن جي معاشرن لاءِ گهڻو ڪجهه سوچڻ ۽ سکڻ لاءِ موجود آهي. اصل تبديلي اهڙي طريقي سان ئي ايندي آهي.