اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي نئين چونڊيل ميمبر پير امير علي شاهه حلف کڻي ورتو آهي، جڏهن ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي لاڏاڻو ڪري ويندڙ عزيزن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي. قومي اسيمبلي جي آغاز تي اسپيڪر چيو ته ملڪ نواب شير وسير ۽ نورين فاروق جي والده لاڏاڻو ڪري وئي آهي. اسپيڪر جي چوڻ تي مولانا عبدالاڪبر چترالي مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ مغفرت جي دعا ڪرائي. جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 221 ٿرپارڪر -I مان ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پير امير علي شاهه جيلاني قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. قومي اسيمبلي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر نئين چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر کان حلف ورتو. ان موقعي تي اسپيڪر پير امير علي شاهه جيلاني کي ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کانپوءِ نئين چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر رولز آف ميمبرز تي صحيح ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پير امير علي شاهه جيلاني چيو ته آئون پنهنجي تڪ جي عوام جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جنهن ڪامياب ڪرايو. سڀني کي گڏ کڻي هلندس. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ تي سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايجنڊا جي ڪارروائي بحث هيٺ نه اچي سگهي، ميمبرن اعتراضن واري نقطي تي ڳالهه ڪئي. سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حيلم عادل شيخ جي گرفتاري جي معاملي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي پاليسي بيان تي احتجاجن پيپلزپارٽي جي ميمبر آغا رفيق الله ايوان ۾ ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي، اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو، ميمبرن جو گهربل تعداد پورو نه هجڻ تي اجلاس جي ڪارروائي سومر شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.
166