154

اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج ڪندڙ اڄ اداري جا حامي بڻجي ويا آهن: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جي سياسي منافقت هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ظاهر ٿي رهي آهي، ڪالهه تائين اليڪشن ڪميشن جي خلاف روڊن تي احتجاج ڪندڙ اڄ اداري جا حامي بڻجي ويا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بار بار موقف بدلائڻ ۽ پنهنجي ئي بياني جي نفي ڪرڻ مخالف ڌر جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي لاءِ اهو ئي فيصلو قبولڻ جوڳو آهي جيڪو انهن جي مرضي موجب هجي. يعني اليڪشن کٽن ته شفاف ۽ منصفاڻي، هارائي وڃن ته ڌانڌلي جي واويلا، هن چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان جي دور ۾ اليڪشن ڪميشن آزاد، خودمختيار ۽ فعال آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو