اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ چئن عورتن جي قتل ۽ 9 ماڻهن جي اغوا وارو معاملو قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ زاهد دراني ۽ ٻين جي اعتراض واري نقطي تي اتر وزيرستان ۾ چئن عورتن جي قتل ۽ 9 ماڻهن جي اغوا جي معاملي تي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته ٻئي واقعا افسوسناڪ آهن، حڪومت ۽ ايوان مذمت ڪن ٿا، جيڪو ظلم ٿيو آهي اهو پوري رياست سان ٿيو آهي ان جو نوٽيس ورتو ويو آهي. اهو معاملو قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي جيڪا رپورٽ ايندي اها ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ متحد ۽ متفق آهيون. اعتراض واري نقطي تي متحده مجلس عمل جي زاهد دراني چيو ته اتر وزيرستان جي تعلقي مير علي ۾ چئن عورتن کي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته ڊرائيور زخمي آهي، مرڻ وارن جو تعلق بنون ضلعي سان آهي، تڪ جا ماڻهو سراپا احتجاج آهن، جيڪڏهن واقعو ڪنهن ٻي جاءِ تي ٿئي ها ته ميڊيا ۾ به اهو معاملو اجاگر ڪيو وڃي ها، چارئي عورتون غريب گهراڻن مان هيون انهن جا ٻار به آهن، حڪومت نوٽيس وٺي، انهن جي وارثن کي پيڪيج ڏنو وڃي، اسان ڪيستائين لاش کڻنداسين، انهن واقعن جو اصل سبب اهو آهي ته هتي جزا ۽ سزا نه آهي. وزيراعظم کي گذارش آهي ته هي اهو تڪ آهي جتان هو اليڪشن وڙهيو هو، قاتلن کي گرفتار ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. صوبائي حڪومت کي به قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وڃي. هن چيو ته شوه تعلقي مان 9 ماڻهو اغوا ٿيا آهن. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هن ان حوالي سان به رولنگ ڏني آهي. محسن داوڙ اعتراض واري نقطي تي چيو ته ٿورائتو آهيان ته اسپيڪر صوبائي حڪومت کان رپورٽ ڪرڻ بابت رولنگ ڏني آهي. صوبائي حڪومت جي جاچ ۽ جواب جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. شوه مان اغُوا ٿيندڙ ماڻهن ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر به شامل آهي. هن چيو ته اڳوڻي قبائلي علائقن ۾ دهشتگرد ٻيهر منظم ٿي رهيا آهن ان حوالي سان ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي. مسلم ليگ (ن) جي مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته اسان انهن واقعن جي مذمت ڪريون ٿا. ضم ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه اڳوڻن قبائلي علائقن ۾ اسان چونڊ مهم لاءِ به نٿا وڃي سگهون. هن چيو ته دهشتگرد گروپ ٻيهر منظم ٿي رهيا آهن. سيڪيورٽي ادارا نوٽيس وٺن، ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، قبائلي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ به ڏئي رهي آهي. پيپلزپارٽي جي ميمبر مير منور علي ٽالپور چيو ته اهو افسوسناڪ واقعو آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ان معاملي تي ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي ته اهڙي طرح جي افسوسناڪ واقعا ڇو پيش اچي رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ضل هما چيو ته اهو ڪنهن هڪ پارٽي يا قوميت جو مسئلو نه آهي ملڪ ۾ عورتن کي جهڙي طرح جون حالتون درپيش آهن اهو هڪ الميو آهي، آئون پاڻ احمد زئي وزير آهيان ۽ مون کي علائقي جي روايتن جي خبر آهي اتي جون عورتون علائقائي روايتن موجب گهرن کان نڪرنديون آهن، هن چيو ته اهڙي طرح جا واقعا معاشري جي سفاڪيت جو مثال آهن، سڀني سياسي پارٽين کي گڏجي ان حوالي سان لائحه عمل جوڙڻ گهرجي. ايوان ۾ ان معاملي تي بحث ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر شهناز بلوچ چيو ته عورتن سان اهڙي طرح جا واقعا مسلسل ٿي رهيا آهن، وزيراعظم عورتن جي صحت ۽ روزگار بابت جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن کي پورو ڪيو وڃي. مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته دهشتگردي جو واقعو مذمت جوڳو آهي، اسلام اهڙي طرح جي واقعن جي اجازت نٿو ڏي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عورتن جي تحفظ لاءِ قدم کڻن، تحريڪ انصاف جي سيف الرحمان چيو ته عورتن جي قتل جو واقعو مذمت جوڳو آهي، عالمن ۽ مفتين کي به ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسپيڪر معاملو قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
145