اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي ظلم انساني حقن جو معاملو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ان حوالي سان ڳالهائڻ ڪو ضابطي جي خلاف عمل نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ مختلف ميمبرن پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اتر وزيرستان ۾ چئن عورتن جي شهادت تي ايوان جنهن يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، ڪي پي ڪي حڪومت سنجيده قدم کنيا آهن. اسان حڪومت ۾ هجون يا مخالف ڌر ۾ جيستائين عورتن کي عزت نه ڏينداسين اڳتي نٿا وڌي سگهون. عورت جو ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ جو هر روپ خوبصورت آهي، هن چيو ته هڪ خبر آئي آهي ته هڪ 64 سالن جي ماڻهو 14 سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي، جي يو آءِ ف کي وضاحت ڪرڻ گهرجي، ڀارت ۾ ان معاملي تي واويلا مچي رهي آهي، هن چيو ته جتي به ظلم ٿيندو اهو ظلم آهي، اها ڳالهه صحيح نه آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن تي هتي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ تي ظلم ٿي رهيو آهي، اتي جيل ۾ ان تي نانگ ڇڏيا پيا وڃن، اهو انساني حقن جو معاملو آهي، اسان کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسان سڀني کي هڪٻئي سان اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر اهو نٿو ٿي سگهي ته مخالفن کي جيل ۾ وجهي ڇڏيون.
158