لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي ضمانت منظور ڪرڻ جي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽرائل مڪمل هئڻ ۾ غير معمولي وقت لڳڻ جي نُڪتي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ ملزم کي بنا سبب جي جيل ۾ نٿو رکي سگهجي. جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ حمزه شهباز جي ضمانت منظور ڪرڻ بابت لکت وارو فيصلو جاري ڪيو. بينچ باور ڪرايو ته ملزم کي استغاثه جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي. احتساب عدالت جي ڪارروائي ظاهر ڪري ٿي ته ملزم عدالت ۾ باقاعدگي سان پيش ٿيندو رهيو آهي جيڪڏهن وڪيل پيش نه ٿا ٿين ته ان ۾ هن جو قصوروار ملزم کي نٿو قرار ڏئي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ريفرنس ۾ حمزه شهباز مرڪزي ملزم ناهي، مرڪزي ملزم شهباز شريف آهي جيڪو خود سلاخن پٺيان آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته حمزه شهباز کي جيل ۾ رکڻ لاءِ ڪوبه غير معمولي جواز ناهي، عدالت ان نُڪتي تي قائل آهي ته هن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ هڪ ڪروڙ رپين جي 2 مچلڪن عيوض حمزه شهباز کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. لکت واري فيصلي کانپوءِ روبڪار جاري ٿيڻ تي حمزه شهباز جيل مان آزاد ٿي ويندو.
