254

جرمن شهري تي پارليامينٽ جي ڄاڻ روسي ڳجهن ادارن کي ڏيڻ تي فرد جرم لاڳو

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ هڪ شهري تي پارليامينٽ جي معلومات روسي ڳجهن ادارن کي فراهم ڪرڻ تي جاسوسي جو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. جرمن ذريعن موجب جوابدار روسي انٽيليجنس کي اها معلومات ٽي سال اڳ ڏيڻ شروع ڪئي هئي. برلن ۾ استغاثه آفيس ٻڌايو ته ان جوابدار جو نالو زينس ايف آهي، جيڪو هڪ ڪمپني لاءِ ڪم ڪندو هيو جنهن کي جرمن پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي عمارت ۾ اليڪٽرانڪ تنصيبن جي سار سنڀال جو ڪم ڏنو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو