راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي هوائي فوج پاران ڀارتي ويڙهاڪ جهازن کي ڪيرائي تباهه ڪرڻ واري ڪارنامي کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستان جي هوائي فوج سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي ڀارت جي ٻن ويڙهاڪن جهاز کي ڪيرائي تباهه ڪيو هو ۽ هڪ پائليٽ اڀي نندن کي به گرفتار ڪيو ويو هو، پاڪ هوائي فوج هن ڪاميابي کي ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جو نالو ڏنو هو. ڀارتي جهاز پاڪستاني حدن ۾ گهڙيا پر شاهينن کان بچڻ لاءِ ڀڳا، جنهن سان ڪجهه وڻن کي نقصان پهتو، ٻئي ڏينهن پاڪستان ڏينهن جي روشني ۾ دشمنن کي ڀرپور نموني سان منهن ٽوڙ جواب ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڀارتي جارحيت تي ڀرپور جوابي ڪارروائي کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم ۽ پاڪ فوج کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان خلاف هوائي حملي جي شڪل ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ عسڪري سازش تي اسان جي جوابي ڪارروائي کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريان ٿو، هڪ بااعتماد ۽ فخر ڪندڙ قوم هجڻ جي ناتي اسان پوري عزم ۽ استقلال سان پنهنجي مرضي جي وقت ۽ هنڌ تي جواب ڏنو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي غيرذميوار عسڪري شرانگيزي باوجود گرفتار ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي واپس اماڻي پاڪستان سڄي دنيا ۾ هڪ ذميوار رويي جو اظهار ڪيو، اسان هميشه امن جو علم بلند ڪيو آهي ۽ ڳالهين ذريعي سمورن تڪرارن جو حل ڪڍڻ لاءِ تيار رهون ٿا. هن چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي جنگبندي جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا، وڌيڪ خوشگوار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي. ٻئي پاسي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ آهي ته وقت آيو ته هر چئلينج جو جواب ڀرپور نموني سان ڏنو ويندو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار پاران 27 فيبروري 2019ع جي ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ بيان جاري ڪيو ويو آهي. بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 27 فيبروري 2019ع ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جي هوائي فوج قوم جي سهڪار سان هر قسم جي خطرن کان وطن عزيز جو بچاءُ ڪندي. ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته تعداد نه پر عزم قوم جي همت ۽ حوصلو آهي جيڪو ڪاميابي ڏياري ٿو. هن چيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر وقت آيو ته هر چئلينج جو جواب ڀرپور طاقت سان ڏنو ويندو.
143