اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جارحيت تي ڀرپور جوابي ڪارروائي کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارتي پائليٽ اڀي نندن جو بيان منظرعام تي اچي ويو آهي. 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستان ايئر فورس پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي ڀارتي جهازن کي ڪيرائي تباهه ڪري وڌو هو ۽ ان ۾ موجود ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي حراست ۾ ورتو هو، جنهن کي وزيراعظم عمران خان خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. اهڙي واقعي کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارتي پائليٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو آهي، بيان ۾ اڀي نندن جهاز جي تباهه ٿيڻ کانپوءِ پنهنجا تاثر بيان ڪري رهيو آهي. اڀي نندن جو چوڻ هو ته مٿان کان هيٺ ايندي پيراشوٽ ۾ مون ٻئي ملڪ ڏٺا ۽ مٿان کان مون کي ٻنهي ملڪن ۾ ڪجهه فرق محسوس نه ٿيو ۽ جنهن وقت مان هيٺ ڪريس ته مون کي اها خبر نه هئي ته مان پاڪستان ۾ آهيان يا پنهنجي ملڪ ڀارت ۾، ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ هڪجهڙا ئي لڳن پيا ۽ ماڻهو به هڪ جهڙا لڳا. ڀارتي پائليٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلنديءَ کان هيٺ ڪرڻ سبب مون کي ڪافي ڌڪ لڳا ۽ مان چُري به نه پئي سگهيس، ان دوران مون اها ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان ڪهڙي ملڪ ۾ آهيان، جڏهن مون کي لڳو ته مان پنهنجي ملڪ ۾ ناهيان ته مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران مون کي پڪڙڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو پويان پيا ۽ مون کي انهن پڪڙي ورتو. اڀي نندن چيو ته ان وقت پاڪ آرمي جا 2 جوان آيا ۽ مون کي ماڻهن کان بچائي ورتو جيڪي مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جوانن ۾ هڪ پاڪ آرمي جو ڪپتان هو، پوءِ اهي مون کي پنهنجي يونٽ وٺي ويا، مون کي شروعاتي طبي امداد ڏني وئي، بعد ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج ٿيو ۽ ان کانپوءِ مان هن جاءِ تي آهيان. هن چيو ته پاڪستاني آرمي هڪ پروفيشنل فوج آهي، مان پاڪ فوج جي بهادري مان تمام گهڻو متاثر ٿيس، ويڙهه تڏهن ٿيندي آهي جڏهن امن ناهي هوندو، مان اهو چاهيان ٿو ته منهنجي ملڪ ۾ امن رهي ۽ اسان امن سان رهي سگهون ٿا، اسان کي ٿورو سڪون سان سوچڻو آهي، ڇا ٿي رهيو آهي ڪشميرين سان نه اوهان کي خبر آهي ۽ نه ئي مون کي.
158