185

سکر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سي ٽي ڊي مطابق ڳجهي اطلاع تي سکر جي پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ٻن دهشتگردن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هنن رستي ۾ دم ڏنو. سي ٽي ڊي مطابق سکر ۾ مارجي ويل پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ ولايت زيب ۽ شاهه محمود طور ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو