246

رپڙي ڀرسان گهر جي ديوار ڊهي پٽ، اڏاوتي ڪم ڪندڙ 2 پورهيت دٻجي فوت، 3 ڄڻا زخمي

رپڙي (ن سوڀ) رپڙي ڀرسان مدرسي جي مهتمم جي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 2 پورهيت دٻجي فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. ٽاڳڙو جي مدرسي عطاءُالعُلوم جي مهتمم جي گهر جو تعميراتي ڪم ھلي رھيو  ته پراڻي ڀت ڊهي پٽ پئجي وئي، ڀت ڪرڻ سبب 2 پورهيت ٽاڳڙو واسي عزيز الله پنھور ۽ سڪ واھڻ واسي فضل الله اڄڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽاڳڙو واسي وسيم احمد ميمڻ، سڪ واھڻ واسي سلطان اڄڻ ۽ سوھو ڪناصرا واسي حليم الله ڪناصرو زخمي ٿي پيا،جن  کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو