ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشوري ۾ سي ٽي ڊي حيدرآباد جي ٽيم گلشن شھباز ڀرسان ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڳجهي اطلاع ملڻ تي سي ٽي ڊي ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪندي عبدالرحمان زاده کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن، هٿ آيل هٿيارن ۾ هينڊ گرنيڊ، پسٽل، مئگزين ۽ گوليون هٿ ۽ ٻيا هٿيار شامل آهن، گرفتار ڪيل دهشتگرد کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، سي ٽي ڊي جي ذريعن موجب گرفتار دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن تي حملن، بم ڌماڪن ۽ قتل ڪيسن ۾ گهربل هو، گرفتار ڪيل دهشتگرد جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي، سندس ساٿي ابوبڪر فرار آهي.
