188

پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز ۽ اتحادي اسان سان رابطي ۾ آهن،18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ختم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي رهيا آهيون، سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت دير ڪئي، پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز ۽ اتحادي اسان سان رابطي ۾ آهن. ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه جي عوام کي نالائق ۽ ناجائز حڪومت کان بچائينداسين، سي پيڪ جو بنياد پيپلز پارٽي ۽ صدر آصف علي زرداري وڌو هو، سي پيڪ وارو نالو ان لاءِ رکيو ته ٻهراڙين جي علائقن کي فائدو رسائجي، پر نالائق حڪومت سي پيڪ رٿا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪرپشن ۾ سڀني کان اڳيان آهي ۽ ان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ختم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڌانڌلي ذريعي ايندڙ حڪومت ملڪ ۾ بحران پيدا ڪيا ۽ عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ ٻوڙي ڇڏيو، پاڪستان ۾ اڄ مهانگائي افغانستان ۽ بنگلاديش کان به وڌيڪ آهي، ڪٺ پتلي حڪومت ۾ صلاحيت ناهي ته حڪومت هلائي سگهي. پ پ چيئرمين چيو ته سياستدان هجي يا عدليا، فوج ۽ سرڪاري ملازم، جڏهن سڀني لاءِ هڪ ئي قانون هوندو تڏهن ئي ڪرپشن واري ناسور کي ختم ڪري سگهنداسين، بلين ٽرين، عليما باجي جي سلائي مشينن سميت هر هنڌ ڪرپشن آهي، هن نالائق حڪومت جو هر ميدان ۾ مقابلو ڪنداسين، ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي ثابت ڪيو ته عوام پي ٽي آءِ سان نه پر پي ڊي ايم سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي رهيا آهيون، حڪومت کي پهريون ڀيرو پنهنجن ئي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ اتحادين سان ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پر هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي، اهي ئي ايم اين ايز ۽ اتحادي اسان سان رابطي ۾ آهن، هي انهن لاءِ موقعو آهي، هو ثابت ڪن ته هو عوام سان گڏ آهن يا ڪٺ پتلي سان گڏ آهن. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته يوسف رضا گيلاني کي اسلام آباد مان پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار بيهارڻ تي حڪومت تمام گهڻي پريشان آهي، حفيظ شيخ کي ڪامياب ڪرڻ مهانگائي ۾ واڌ ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي برابر آهي، يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي سان پارليامينٽ جي عزت ۾ واڌ ٿيندي ۽ جمهوريت کي ڪاميابي ملندي، سينيٽ چونڊن کانپوءِ لانگ مارچ ٿيندو، ان مارچ لاءِ عوام تياري ڪري، ڪٽ پتلي ۽ ناجائز وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو