148

سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي پنهنجا ميمبر به ووٽ نه ڏيندا، ڊسڪا تڪ کُليو ته سڄي حقيقت سامهون اچي ويندي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته عمران خان هڪ ڀيرو ته ٺڳي ڪري حڪومت ۾ اچي ويو پر هاڻي ٻيهر سندس اچڻ جو ڪو چانس ناهي. جاتي امرا ۾ مريم نواز صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حمزه شهباز بهادري سان ڪوڙن ڪيسن جو مقابلو ڪيو، سندس آزادي تي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، گڏجي پارٽي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪنداسين، هن 2 سال بيگناهه جيل ڪاٽيو. مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ ميمبر به تحريڪ انصاف کي هاڻي پسند نٿا ڪن، سينيٽ چونڊن ۾ سندن ئي ميمبر انهن جو ساٿ نه ڏيندا، پي ٽي آءِ ميمبر کين ووٽ ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن، ڇاڪاڻ ته عمران خان جي ڪارڪردگي سبب سندن ووٽ بئنڪ تي وڏو اثر پيو آهي، عمران خان کي ووٽ ڏيڻ جو مطلب ووٽ چور کي کٽرائڻ آهي، پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر هاڻي پنهنجي لاءِ محفوظ رستو ڳولهي رهيا آهن، سينيٽ چونڊن دوران پي ٽي آءِ ۾ هر صوبي اندر بغاوت ٿي رهي آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته ڌانڌلي باوجود حڪومت ڊسڪا تي چونڊ کٽي نه سگهي، هاڻي هڪ تڪ کليو ته سڄي حقيقت سامهون اچي ويندي، حڪومت ڊسڪا ۾ ٻيهر چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن کي ان لاءِ چئلينج ڪري رهي آهي ته سندن چوري پڪڙجي وئي آهي، کين ڊپ آهي ته عملدار سندن پول پڌرا ڪندا، ٻيهر اليڪشن سان پي ٽي آءِ جي ضمانت ضبط ٿي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو