209

ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي قمبر شهدادڪوٽ جي ڊي سي سوڌو 11 جوابدارن کي 7_7 سال قيد ۽ 6 ڪروڙ 45 لک ڏنڊ جي سزا، جيل حوالي

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي احتساب عدالت ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي ۾ ڪرپشن واري ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي ۾ ڪرپشن ريفرنس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد جاگيراڻي ۽ ايڊمنسٽريٽر سردار آصف آرائين سميت 11 جوابدارن کي 7_7 سال قيد ۽ 6 ڪروڙ 45 لک 7116 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت سزا ٻڌايل ڊي سي جاويد جاگيراڻي سوڌو 11 جوابدارن کي هٿڪڙيون هڻائي جيل اماڻي ڇڏيو. قيد جي سزا ۾ آيل اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر ۽ هاڻوڪو ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي، ايڊمنسٽريٽر سردار آصف آرائين، ايڊمنسٽريٽر غلام مصطفيٰ هليو، ايڊمنسٽريٽر ضمير حسين، انجنيئر قربان علي ابڙو، سب انجنيئر عنايت الله ابڙو ۽ ملازم غلام عباس شيخ شامل آهن، قيد جي سزا آيلن ۾ 3 ٺيڪيدار غلام قادر ڀٽو، جهانگير چنڙ ۽ غلام قادر شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو