163

سنڌ سيد خالد حيدر شاهه جهڙن عملدارن جي گهرجائو آهي…

ليکڪ: پروفيسر منظور ڪلهوڙو

1843ع کان سنڌ اندر برطانوي راڄ جي برپا ٿيڻ سان جديد بنيادن تحت آفيسر شاهي جي به  ابتدا ٿي. سنڌ 1843ع کان 1947ع تائين ٻن مائينڊ سيٽ، (تعميري ۽ تخريبي) جي نوڪر شاهي کي ڀوڳيو، تعميري مائينڊ سيٽ جي انگريز بيوروڪريسي سنڌ کي سنڌي ٻولي جي لپي، ايريگيشن نظام، ريلوي جو سرشتو، تعليمي سسٽم، روينيو نظام کان ويندي لاتعداد شعبن ۾ پنهنجي تعميري ائپروچ کان ڪم وٺي ان وقت جي سنڌ جي خلقِ خدا کان خراج وصول ڪيا ته ٻئي طرف جبر،ڏاڍ، ڏهڪاءَ، جيل ٿاڻن، ڦاهين کان ويندي مارشلائون مڙهي سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن کي دهشتگرد ڪوٺي انهن جي نسل ڪشي کان به نه ڪيٻايو ويو،اهو تعميري ۽ تخريبي مائينڊ سيٽ اڄ به هن ملڪ جي نوڪر شاهي وٽ سانڍيل آهي، هو ئي سبب آهي ته  اسان وٽ هڪ بيوروڪريٽ جي وصف/ تعريف اها پيش ڪئي ويندي آهي ته  اهو مغرور هوندو، آدم بيزار، عوام سان ملڻ کان عاري هوندو. ڳالهائڻ جو کُهرو، ٻولي جو تکو، لهجي ۽ انداز جو آمر هوندو. قلم جو ڪنجوس ۽ طبعيت جو بخيل هوندو،پر ڪڏهن ڪڏهن ان بابو گيري جي اسٽيبلشمينٽ ۾ به معجزا ٿين ٿا، آئون هتي ذاتي طور پنهنجو مشاهدو، تجربو ونڊي ان سرڪاري عملدارن کي خراج پيش ڪرڻ پنهنجو قرض ۽ فرض سمجهان ٿو. هي ٻئي عملدار جيڪي مخلتف عهدن تي رهي سيڪريٽري تعليم مقرر ٿيا. جن مان هڪ هو جناب سڀاڳو خان جتوئي، جنهن سان 2008ع ۾ جڏهن ان جي آفيس ڪراچي ۾ ڪاليجي استادن جي وفد سان ملڻ وياسين ته انتظار جي مزي کان محروم رهياسين. آفيس جو دروازو عام و خاص لاءِ کليل، سندس ٽيبل فائيلن کان خالي پيل ملي. جيڪي گذارشون سندس گوش گذار ڪيوسين، ان وقت ئي آرڊر ڪري تعميل ڪرائي ڏئي چانھه ۽ ريفريشمينٽ ڪرائي عزت ڏئي وٺي خوشيءَ سان موڪلائي روانو ڪري دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتائين. اڄ سڀاڳو خان جتوئي اڄ اسان ۾ موجود نه آهي پر ان جو ڪرادر، عمل، رويو ۽ عوامي انداز وسرڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، گذريل ڏينهن تعليم کاتي ڪاليجز جو سيڪريٽري محترم خالد حيدر شاھه لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج جي اوچتو وزٽ ڪرڻ آيو. سنڌ جا ڪاليجي استاد ٽائيم اسڪيل جي حاصلات لاءِ سالن کان وٺي جدوجهد ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي لکين استادن کي 2010ع کان ٽائيم اسڪيل مليل آهي. صرف سنڌ جا يارنهن هزار ڪاليجي استاد ئي آهن جيڪي هن وقت تائين ٽائيم اسڪيل کان محروم آهن. اها گذارش کڻي جڏهن وفد جي صورت ۾ شاھه صاحب سان حالي احوالي ٿياسين ته ڇا جي مغروري، ڇا جي وڏائي، ڪا فوعيت نه، ڪو داٻو دڙڪو، پر شائستگي، نفاست، پنهنجائپ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، مختصر ۽ جامع، دليلن دلائلن واري گفتگو، ڪو ڪوڙو دلاسو، ڏٽو ۽ آسرو نه، پر وڏي ڳالھه ته انتها جو حيقيت پسند، مسئلن کان آگاھه، هڪ فقير منش طبعيت جي مالڪ سان ملاقات اسان سڀني کي ششدر ڪري ڇڏيو. ويتر سندس طويل نشست ۽ دل جي گهرائين سان سنڌ جي ڪاليجن ۽ استاد جي مسئلن، تعليمي صورتحال، نصاب، انفراسٽرڪچر ۽ کاتي جي حالتِ زار  بابت آگاهي ۽ انهن جي نبيري لاءِ اميد ۽ اتساھ اسان کي اڃان وڌيڪ سرپرائيز ڪيو، جڏهن پاڻ ان وقت احتجاج ڪندڙ لاڙڪاڻو ريجن جي ليب اسسٽنٽ کي سڏائي، گفتگو ڪيائين، هڪ کاتي جي باس کي ائين ئي مهربان هجڻ گهرجي جيڪو انهن جو فرض منصبي به آهي. پر آفيسر شاهي جي آمريتي روين جي تسلسل ڪري  انهن جو مهربان هجڻ ئي ماڻهن لاءِ وڏو معجزو ۽ رليف هجي ٿو، سنڌ خالد حيدر شاھ جهڙن بيورڪريٽس جي گهرجائو هئي، آهي ۽ رهندي. ڇاڪاڻ ته اهڙا عملدار ئي تعميري سوچ تحت نئين سنڌ جي اڏاوت ڪري سگهڻ جي قابل آهن، پر وڏو مسئلو اهڙن عملدارن جو پوسٽ تي رهڻ آهي. جيڪو وقت جي حڪمرانن تي ڀاڙي ٿو، ته ٽينيوئر پوسٽ جي تقدس کي اڃا هو ڪيترو پائمال ڪن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو