201

علم ۽ ادب کان پري رهڻ جا نتيجا…

ليکڪ: فرحان لاڙڪ

ڪنھن به شيءِ يا جاءِ تي لکبو ته انجي ويجھو وڃڻو پوندو آھي ۽ انجي تحقيق ڪبي ته جيئن ان جي تباھيءَ جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهن، سنڌ جي جيڪا موجوده صورتحال آھي اھا انتھائي خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، روز نياڻين ۽ ٻارن سان زيادتي جا واقعا وڌندا ٿا وڃن، ڪاپي ڪلچر، ادب ۽ احترام کان پري ڇڙواڳ ماحول ٿيندو ٿو وڃي، جيڪو اڳتي ھلي اڃا وڌيڪ تباھي مچائي سگھي ٿو، جي اسان ان کي روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ نه ورتا ته، ڪنھن ڏاھي چيو آھي ته جنھن قوم کي تباھه ڪرڻو ھجي ته ان کان انجي تعليم کسي وٺو ھو پنھنجو پاڻ تباھه ٿي ويندي، ان ڳالهھ ۾ ڪو شڪ ڪونھي پر تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ شعور جي ضرورت ھوندي آھي، جيڪو ھر ڪنھن وٽ ڪونه ھوندو آھي ۽ جتي شعور ھوندو آھي اتي علم، ادب ۽ ڏاھپ جا بي مثال ڪردار نظر ايندا آھن، جيئن ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌ رھي آھي ۽ منھنجو خيال آھي ته بنيادي تعليم علم۽ ادب جي شروعات گھر مان ئي ملندي آھي، جيڪا بدقسمتيءَ سان اڄڪلهھ اسانجي معاشري ۾ نه ھجڻ جي برابر آھي، سنڌ ته لڄ ۽ لوئيءَ جي محافظ رھي آھي، علم، ادب ۽ امن جي شاھوڪار ڌرتي رھي آھي، سنڌ جي تاريخ ته سنھري رھي آھي پر اڄوڪي سنڌ بگهڙن جي حوالي آھي، جهالت ۽ انتھاپسنديءَ جي حوالي آھي، غلام ۽ مفلوج ذھنن جي حوالي آھي، جن ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ ڄمي بيھڻ جي سگھه ئي ڪونھي، ڪٿي آھي اھا سنڌ؟ لطيف سچل ۽ ساميءَ واري سنڌ، شيخ اياز، استاد بخاري، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي واري سنڌ، حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي واري سنڌ، جيڪا علم، ادب ۽ ڏاھپ جي درسگاھه ھئي، ڪٿي آھي اھا سنڌ؟ شاھه لطيف چوي ٿو ته؛

ھئين ته ويڄن وٽ، پوءِ تون ڪيئن جيءَ جڏو ٿئين

اڳين عادت مٽ ته آگاھه عاجز نه ٿئين

سنڌ ۾ ھيترن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ڏاھن ھجڻ جي باوجود سنڌ جو نوجوان يا سنڌ جا ماڻھو ڇو جھالت واري زندگي گذاري رھيا آھن؟ اسان جي سنڌ ته شاھوڪار، پڙھيل لکيل سنڌ رھي آھي، جنھن جي تاريخ کي پڙھي فخر ٿئي ٿو ۽ هاڻ واري سنڌ کي ڏسي دل روئي رھي آھي ته اسان سنڌ کي ڪھڙي پاسي وٺي وڃي رھيا آھيون؟ اھو سڀ ڪجهھ ان جي ڪري ٿي رھيو آھي جو اسان علم ۽ ادب جون درسگاھون بند ڪري ڇڏيون آھن، رڳو خانا پوري ڪرڻ ۾ پورا آھيون، اڳي 80ع ۽ 90ع واري ڏھاڪي ۾ اسان کي گھر مان علم ۽ ادب ملندو ھو ۽ اسڪول ۾ ليڪچر پروگرام ٿيندا ھئا، سياسي جماعتون اسٽڊي سرڪل ھلائينديون ھيون، ڪارڪنن جي تربيت ڪنديون ھيون، ڪچھريون رکيون وينديون ھيون، سماجي براين جي خاتمي لاءِ ليڪچر ڪرايا ويندا ھئا، تڏھن ته سنڌ جي گھرن کي بھترين انسان ۽ درسگاھن کي بھترين استاد ملندا ھئا، گھٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول نه ھوندو ھو ۽ جي اھڙي قسم جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ھئي ته سنڌ جا اديب، دانشور ۽ سياستدان گڏجي ميدان عمل ۾ اچي انتھاپسندن کي شڪست ڏيندا ھئا، پنھنجي علم، ادب، ڏاھپ ۽ دليلن سان، جڏھن شيخ اياز جي خلاف ان وقت جي مذھبي انتھاپسندن فتوائون جاري ڪيون ته رسول بخش پليجو ميدان تي اچي ويو ۽ شيخ اياز جي حمايت ۾ مضمون لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو، اڳتي ھلي اھو ”انڌا اونڌا ويڄ“ ڪتاب جي صورت اختيار ڪري ويو، اھا سنڌ جيڪا مزاحمت ڪندي ھئي، حفاظت ڪندي ھئي، لڄ جي، ادب جي، ثقافت جي، ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي، اڄ اسان ان علم ۽ ادب کان پري رھڻ جي ڪري سنڌ ۾ بگهڙپيدا ڪري رھيا آھيون، ان علم کان پري رھڻ جي ڪري ڪمزور شاگرد ۽ استاد پيدا ڪري رھيا آھيون، علم ۽ ادب کان پري رھڻ جي ڪري پنھنجي ثقافت، تھذيب ۽ پنھنجي ٻوليءَ کي وڃائي رھيا آھيون، علم ۽ ادب کان پري رھڻ جي ڪري اسين ڪمزور سياسي ڪارڪن پيدا ڪري رھيا آھيون، جنھن جي ڪري اسين خاطر خواھه نتيجا حاصل نٿا ڪري سگھون ۽ نه ئي ڊگھي جدوجھد ٿا ڪري سگھون، علم ۽ ادب کان پري رھڻ جي ڪري نوجوان نسل تباھي ڏانھن وڌي رھيو آھي ۽ سماجي براين ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ ٿي رھي آھي. سنڌ کي علم ۽ ادب جي سخت ضرورت آھي علم ۽ ادب ھوندو ته سگهھ وڌندي شعور ۾ واڌ ٿيندي، نوان رستا ملندا، علم ۽ ادب وسيلي ئي ھن سماج کي بدلائي سگھجي ٿو، سو اچو ته پنھنجي گھرن کان اسڪولن، ڪاليجن، سياسي مرڪزن کان وري نئين سر علم ۽ ادب جي شروعات ڪريون، ته جيئن پنهنجي نسلن کي تباهي کان بچائي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ تيار ڪري سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو