155

يورپ جي هٿرادو تفريح گاهه ٽڪساٽ…

ليکڪ: الطاف ابڙو

 اتر اٽليءَ ۾ پارما واري شهر ۾ ” لابرنتو ڊيلا ماسوني“ نالي هڪ تمام وڏو ٽڪساٽ آهي، جنهن بابت مشهور آهي ته اهو يورپ جو سڀ کان وڏو  ٽڪساٽ  آهي. يورپ جو سڀ کان وڏو  ٽڪساٽ  اصل ۾بانسن جو آهي. هونئن ته هتي خاص ڪري مڪائي جي پوکن ۾ جتي ڪٿي  ٽڪساٽ ٺهيل ملي ويندا آهن، پر يورپ جي هن سڀني کان وڏي  ٽڪساٽ  جا رستا ٽن ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهن ۽ ان جي ڪل ايراضي 70 هزار هم چورس ميٽر آهي، ايراضي جي حوالي سان ”لابرتا ڊيلا ماسوني“ يورپ جو سڀن کان وڏو  ٽڪساٽ  آهي. اها جاءِ اطالوي پبلشرز ۽ ايڊيٽر آنجهاني فرانڪو ماريا رچي جي وراثت جو حصو آهي، جيڪو خاص ڪري ناياب فن پارن جي تخليق بابت ڪتاب شائع ڪندو هو. ان کانسواءِ هو آرٽ ميگزين ايم ايم آر جو پبلشر به هو، سندس ان فن پارن جي ذخيري ۾ پنجين صدي وارا نمونا به شامل آهن. فرانڪو ماريا رچي 82 سالن جي عمر ۾ گذريل سال سيپٽمبر ۾ گذاري ويو.  ٽڪساٽ  سندس آخري رٿائن مان هڪ آهي، سندس گھر واري لارا ڪاسالس ٻڌائي ٿي ته،”اهو فرانڪو جو خواب آهي. ڪم ڪرڻ جو سندس پنهنجو ئي انداز هو. هن پنهنجي زندگي  اهو سڀ ڪجھه ڪيو، جيڪو ٻيو ڪو انسان سوچي به نه ٿو سگھي.“  ٽڪساٽ  انسانن لاءِ هميشه کان وندر ۽ ورونهن جو سبب رهيا آهن. ان جو ذڪر نه صرف يوناني ادب ۽ ديومالا ۾ ملي ٿو، پر انهن جو ذڪر توهان کي برصغير جي ادب ۽ ديومالا م به نظر ايندو. يوناني ديومالا موجب ٽڪساٽ؛ جنهن لاءِ انگريزي ۾ ليبرنٿ ۽ ميز وارا لفظ استعمال ٿيندا رهن ٿا، هڪ وڏي ۽ ويڪري ڀٽڪائيندڙ ۽ ڀنڀلائيندڙ قسم اڏاوت هئي، جيڪا نازيس جي بادشاهه منوس آف ڪريٽ لاءِ ڊائدالوس نالي مشهور معمار ۽ ڪاريگر، ڪنوسوس واري علائقي ۾ ڊزائن ۽ تيار ڪيو هو. ان جي اڏاوت جو مقصد منوتور نالي، انساني ڌڙ ۽ ڍڳي جي منهن واري راڪاس کان بچاءُ هو جنهن کي نيٺ ٿيرس نالي سورما ماري مات ڪيو هو، ان قسم جي اڏاوت جو ذڪر شاهه جي سر مومل راڻي ۾ ڪاڪ محل جي حوالي سان به ڪيو ويو آهي ته وري هندستان ۾ به ان قسم جي اڏاوتون موجود آهن جن کي هندي اردو ۾ ڀول ڀليان چيو ويندو آهي. ٻارن جي رسالن ۾ خاص ڪري توهان ان قسم جا نقشا ضرور ڏٺا هوندا، جنهن ۾ ٻارن قلم يا پنسل جي مدد سان ليڪا ڪڍي پار پوندا آهن. هڪ مشهور  ٽڪساٽ  ڀارت جي شهر لکنئو ۾ به آهي پر اهو پارما واري  ٽڪساٽ  کان بنهه مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ ته ڪنهن عمارت جي اندر اڏيل آهي ۽ ٻيو ان جو مقصد ڪنهن به ريت انسانن جي تفريح طبع نه آهي. فرانڪو ماريو رچي جيڪو پيشي جي لحاظ کان هڪ پبلشر هو، تنهن ان  ٽڪساٽ  جو خواب تڏهن ڏٺو هو جڏهن ٽيهه سال  اڳ هو نوجوان هو. اصل ۾ پارماشهر کان ٻاهران سندس هڪ ويڪ اينڊ هائوس هوندو هو جتي هو هفتي جا آخري ڏينهن گذاريندو هو ۽ اتي ئي ڪڏهن ڪڏهن سندس دوست ۽ هن جي پبلشنگ هائوس سان وابسته ليکڪ ارجنٽائن جو خورخي لوئيس بورخيس به اچي وٽس ٽڪندو هو، بورخيس جي ڪمپوزيشن جو هڪ موضوع ليورينٿ يعني ٽڪساٽ به هو.

 1989ع ۾ پيدا ٿيل  بورخيس   55 سالن جو هو ته پوري طرح سان اکين جي نور کان محروم ٿي ويو. فونٽينلاٽو واري علائقي ۾ پنهنجي ويڪ اينڊ هائوس ۾ هن جو هٿ پڪڙيندي رچي کي احساس ٿيو هو ته جڏهن توهان شين کي ڏسي نٿا سگھو ته يا محسوس نٿا ڪري سگھو ته زندگي ڪيتري غيرحقيقي شيءِ لڳندي هوندي، ۽ انهي احساس سبب فرانڪو ماريو رچي هڪ خواب ڏٺو جنهن کي هن بعد ۾ پنهنجي ذاتي زمين تي شرمنده تعبير ڪيو. فرانڪو ماريو رچي پنهنجن تجربن ۾ دنيا جي ٻي ماڻهن کي به شامل ڪرڻ چاهي رهيو هو، هو کين زندگي جي ورن وڪڙن جي يادگيري ڏيارن لاءِ هڪ ڪوڙي  ٽڪساٽ  ۾ نيڻ چاهي رهيو هو، تنهن ڪري هن پنهنجي زمين تي اٽڪل ٻه لک بانس پوکرايا. جيڪي ماڻھو بانس جي پوک کان واقف آهن انهن کي خبر آهي ته بانس جو وڻ تمام تيزي سان وڌي ٿو. اهي وڻ سدا ساوا رهن ٿا ۽ انهن جي اوچائي پندرهن ميٽرن تائين ٿيندي آهي. ۽ جيڪڏهن بانس جا وڻ وڏي ايراضي ۾ پکڙيل آهن ته ان مان گذرندڙ ماڻهو رستو ڀٽڪي به سگھن ٿا. فرانڪو ماريا رچي جي ان ٽڪساٽ  ۾اچڻ ۽ نڪرڻ لاءِ الڳ الڳ رستا آهن. پر ان ٻنهي جي وچ ۾ ايترا ته انگڙ ونگڙ ۽ ورن ويڪڙن وارا رستا آهن جو ماڻهن انهن ۾ ڀٽڪي ويندو آهي، سڀ رستا هڪ جهڙا لڳندا آهن، پهرين ته اتي گھڙڻ واري ماڻهو کي لڳندو آهي ته هي رستا ته منهنجا ڄاتل سڃاتل آهن پر پوءِ جلد ئي کين محسوس ٿئي ٿو ته نه نه هي ته ڪو بلڪل مختلف رستو آهي. بلڪل نئون نرالو ۽ منجھائيندڙ رستو. کين سمجھھ ۾ ئي نٿو اچي ته هو ڪٿي پهچي ويا آهن ۽ اتان ڪهڙي طرح سان نڪري سگھندا؟ ”لابرنتو ڊيلاماسوني“ نالي هي ٽڪساٽ هڪ جاميٽريڪل نقشي مطابق تيار ڪيل ٽڪساٽ آهي ۽ ان کي ڏسي رومن دور ياد اچي ويندو آهي، اهي اهڙا سڌا سڌا رستا آهن جيڪي اوچتو 90 واري ڪنڊ تي مڙي ويندا آهن. تنهن ڪري ئي انهن کي ياد رکڻ مشڪل ٿي پوي ٿو، پر اهو  ٽڪساٽ  ايترو به وڏو نه آهي جو اتان نڪري ئي نه سگھجي ۽ ماڻهو گھٻرائڻ لڳن. هتي ماڻھو جيترو ڀٽڪن ٿا ايترا ئي وندرندا به هوندا آهن. البت هنگامي صورتحال ۾ اهي مدد به گھري سگھن ٿا، ٽڪساٽ  ۾ جتي ڪٿي سڃاڻپ لاءِ مقامي علامتون موجود آهن، فون ڪري ڀٽڪيل ماڻهو مقامي نشانيون ٻڌائين ٿا ته  ٽڪساٽ  جو ڊائريڪٽر ايدور ايڊم پاڻ کين وٺڻ لاءِ پهچي ويندو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته،”هن  ٽڪساٽ  جي معنيٰ تمام سنجيده ۽ اهم آهن. اهي اسان جي زندگي  جون مختلف منزلون آهن. اهڙيون ئي مشڪلون جن سان اسان جو زندگي ۾ واسطو پوي ٿو. ۽ اهڙن مشڪل مرحلن ۽ مونجھارن مان گذري نيٺ اسان پنهنجي منزل کي حاصل ڪري وٺون ٿا.“  ٽڪساٽ جي مرڪز  ۾ هڪ عمارت آهي يا ائين کڻي چئجي ته اتي ڪيتريون ئي نيوڪلاسيڪل عمارتون آهن. انهن ۾ هڪ ميوزيم آهي، جنهن ۾ اهي سموريون تصويرون موجود آهن، جيڪي فرانڪو ماريا رچي پنهنجي زندگي ۾ گڏ ڪيون هيون. ان کانسواءِ انهن ڪتابن جو ذخيرو به آهي جيڪي سندس پبلشنگ هائوس 50 سالن ۾ شايع ڪيا، اهي به اتي نمائش لاءِ  موجود آهن، ۽ هاڻي ماڻهو ان  ٽڪساٽ  ۾ وڃي اتي گھمڻ ڦرڻ دوران زندگي بابت سوچڻ جو لطف ماڻي سگھن ٿا. جڏهن ته اتي موجود ميوزيم جو سير به ڪري سگھجي ٿو ته وري بک لڳڻ جي صورت ۾ يا ڪافي پيئڻ جي لاءِ دل چاهي ته ان لاءِ ڪافي هائوس ۽ مقامي کاڌا پيش ڪندڙ ريسٽورينٽ بسترو به موجود آهي، يورپ جي سير جي دوران ان  ٽڪساٽ  جو سير ۽ اتي ڄاڻي واڻي ڀٽڪڻ وارو تجربو سچ پچ ته پرلطف ۽ سنسني خيز ثابت ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو