153

عام واهپي جي شين جي اگهوتري ۾ گهٽتائي ڪڏهن ايندي؟؟؟

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو وڌيڪ 5 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي، ان حوالي سان شماريات کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 20 ڪلو اٽي وارو ٿيلهو 950 رپين مان وڌيڪ 955 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته هفتيوار رپورٽ ۾ شماريات کاتي ڄاڻايو آهي ته گذريل هفتي دوران مرغي جي گوشت ۾ 5 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي ۽ شماريات کاتي پاران ڄاڻايل اگهن ۾ مطابق مرغي جو گوشت في ڪلو 225 رپين مان وڌيڪ 230 رپيا ٿي ويو آهي، خبر ناهي ته مرغي جا اهي اگهه ملڪ جي ڪهڙي حصي ۾ هلي رهيا آهن،سڄي سنڌ ۾ ته مرغي جي گوشت جي في ڪلو قيمت 430 کان ساڍا 400 رپيا في ڪلو تائين پهتل آهي، ان کانسواءِ شماريات کاتي مطابق هلندڙ هفتي دال چڻا 3 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي آهي، جڏهن ته هفتي دوران 21 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو آهي، يعني اهي نه وڌيون آهن ۽ نه گهٽيون آهن، جڏهن ته اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي ٽماٽا2 رپيا، بصر هڪ رپيو ۽ ڳڙ 20 پئسا في ڪلو سستو ٿيو آهي. ان کانسواءِ ميڊيا ۾ هڪ ٻي خبر به ائٽم بم وانگر غريبن مٿان ڪري رهي آهي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ وڏي واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن کان خبر هلي رهي آهي ته پيٽرول جي في لٽر قيمت ۾ 20 رپيا 7 پئسا واڌ جي تجويز جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي وئي آهي، ذريعن مطابق اوگرا ڊيزل جي في لٽر قيمت ۾ 19 رپيا 61 پئسا واڌ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات جون تجويز ڪيل قيمتون 30 رپيا في لٽر ليوي جي بنياد تي ڪيون ويون آهن، في لٽر پيٽرول تي موجوده لاڳو ڪيل ليوي 17 رپيا 97 پئسا ۽ ڊيزل تي 18 رپيا 36 پئسا آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مارچ کان پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي، ان هوندي به خزاني واري وزارت حتمي فيصلو وزيراعظم سان مشوري کانپوءِ ڪندي.

جڏهن کان موجوده سرڪار اقتدار جي ڪرسي سنڀالي آهي، تڏهن کان عام ماڻهو ڪنهن خوشي جي خبر لاءِ اٻاڻڪو آهي، پر بدقسمتي سان اهڙي خوشي ڄڻ ته عوام جي نصيبن کان رسي وئي آهي، روز بروز شين جي وڌندڙ اگهن جتي عام ماڻهو کي پريشان ڪيو آهي، اتي حڪومت جي منهن تي ڪا لکا ئي نه ٿي اچي، اٽو، کنڊ، گيهه، دال ۽ ٻي عام واهپي جي شين جا اگهه آهن جيڪي گهٽجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن، بس ٿئي ائين ٿو ته جڏهن به سنڌ ۾ مندائتو فصل لهي ٿو ته اگهه نه هجڻ سبب عام ماڻهو کي يقينن رليف ملي ٿو پر آبادگار وري به دربدر هوندو آهي، جيئن هن وقت سنڌ ۾ ٽماٽي جو آبادگار دربدر آهي، مرغي جا اگهه وري هن وقت سنڌ ۾ چوٽ تي چڙهيل آهن، جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تجويز ڪيل واڌ جيڪڏهن جيئن جو تيئن ٿئي ٿي ته ان سان وري هڪ نئون طوفان پيدا ٿيندو، جيتوڻيڪ تجويز ڪيل قيمتن جو فيصلو ته وزيراعظم کي ئي ڪرڻو آهي، اسان رڳو اها اميد ئي ڪري سگهون ٿا ته گذريل ڀيري وانگر هن ڀيري به وزيراعظم کي شل غريبن تي ڪو رحم اچي ۽ هو اهڙي تجويز کي رد ڪري عام ماڻهن کي اهڙي بري خبر کان بچائي ڇو ته پيٽروليم مصنوعات جا موجوده اگهه به عام ماڻهو جي خريد واري قوت کان گهڻا آهن، پر جيڪڏهن انهن ۾ واڌ ڪئي وئي ته رڳو پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ئي واڌ نه ٿيندي پر ان سان بنيادي ضرورت جي هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي، اسان سمجهون ٿا ته عام ماڻهو هاڻ ان انتظار ۾ آهي ته هفتيوار وڌندڙ مهانگائي ۽ عام شين جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌ واري اگهوتري ۾ هاڻ گهٽتائي اچڻ گهرجي، اسان اهو به سمجهون ٿا ته حڪومت جيڪڏهن ڪرڻ چاهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي. وڌيڪ ته واڳ ڌڻي جي وس آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو