129

ڇا ٽريڪ ۽ ٽريس سسٽم ٽئڪس چوري روڪي سگهندو..؟؟

ليکڪ: تنوير ملڪ

پاڪستان ۾ ٽئڪس گڏ ڪندڙ وفاقي اداري فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سگريٽ، سيمينٽ، فرٽيلائيزر ۽ کنڊ جي پيداواري شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايف بي آر عملدارن پاڪستان ۾ سينيٽ جي هڪ قائمه ڪاميٽي کي اجلاس ۾ ٻڌايو آهي ته انهن چئن مصنوعاتن جي پيداواري شعبن جو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ايندڙ مالي سال جي شروعات يعني پهرين جولاءِ 2021ع کان لاڳو ڪيو ويندو، عملدارن مطابق ان سسٽم کي لاڳو ڪرڻ جي ايندڙ مرحلي ۾ شربتن جو پيداواري شعبو به اچي ويندو.عملدارن مطابق ان سسٽم لاڳو ٿيڻ سان ڄاڻايل پيداواري شعبن ۾ ٽئڪس چوري روڪي سگهبي، اهو سسٽم پاڪستان ۾ صنعتي شعبي ۾ ٽئڪس چوري کي روڪي سگهندو يا نه ان بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته هي سسٽم ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيو آهي، پر ڇا پاڪستان ۾ وڏا پيداواري شعبا ان سسٽم کي پنهنجي ادارن ۾ آساني سان لاڳو ٿيڻ ڏيندا؟ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي ڪم ڪرڻ ۽ ان ذريعي ٽئڪس چوري کي روڪڻ جي سلسلي ۾ ٽئڪس جي معاملن جي ماهر اشفاق تولا ٻڌايو ته ان سسٽم تحت پيداواري ادارن ۾ اليڪٽرانڪ مشينون لڳايون وڃن ٿيون، جن ۾ ڪئميرائون فٽ هونديون آهن، پيداواري مصنوعات تي بار ڪوڊ  لڳايا وڃن ٿا ۽ ان سسٽم جي اسڪيننگ مشينون ان بار ڪوڊ کي ريڊ ڪن ٿيون، ان سسٽم تحت خبر پوي ٿي ته ڪيتري مصنوعات تيار ڪئي وئي آهي. اشفاق تولا وضاحت ڪئي ته هڪ ڪمپني سگريٽ جا هڪ لک پڪيٽ تيار ڪري ٿي ان سسٽم ذريعي ان مٿان ڪا خاص اسٽيڪر لڳي ويندا ۽ ٽئڪس گڏ ڪندڙ ادارن کي خبر پئجي ويندي ته سگريٽ جي ڪيتري پيداوار ٿي آهي.ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي ان سلسلي ۾ چيو ته هن سسٽم تحت تيار ڪيل مصنوعات تي هڪ اسٽيمپ لڳي وڃي ٿو، جيڪو ڪمپيوٽر ڪوڊڊ هوندو آهي، اڳوڻي ميمبر ان لينڊ روينيو اينڊ پاليسي ايف بي آر رحمت الله وزير ٻڌايو ته هڪ ڪمپنيءَ ۾ جيترو به مال تيار هوندو ان جي ان سسٽم ذريعي نگراني ٿيندي ۽ اها سڄي نگراني ۾ رٿيل ٽائيم جي بنيادن تي هوندي، جنهن تحت سڄي ڊيٽا ايف بي آر عملدارن کي ملندي، ملڪ ۾ ٽئڪس گڏ ڪندڙ اداري ايف بي آر جي ويب سائيٽ تي موجود اعلان مطابق روينيو جي خساري جي تدارڪ لاءِ پيداوار ۽ وڪري جا انگ اکر گهٽ ظاهر ڪرڻ سبب مخصوص شين ۽ مصنوعات تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ سيلز ٽئڪس جي ادائگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايف بي آر مخصوص مصنوعاتون جهڙو سيمينٽ، کنڊ، ڀاڻ، سگريٽ ۽ شربتن جي درآمدات ۽ پيداوار جاچڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام کي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شبر زيدي ان سلسلي ۾ چيو ته ٽئڪس چوري روڪڻ لاءِ هي هڪ موثر نظام آهي، جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪاميابي سان لاڳو آهي، هن چيو ته هن نظام ذريعي خبر پوندي ته مصنوعات ڪيتري تعداد ۾ تيار ڪئي وئي ۽ ان جو وڪرو ڪيترو آهي، شبر زيدي چيو ته ان سسٽم ذريعي نه صرف پيداواري شعبن طرفان پيداوار ۽ وڪري جي صحيح ڊيٽا ٽئڪس گڏ ڪندڙ اداري وٽ هوندي،پر ان سان گڏوگڏ جعلي مصنوعات کي به روڪي سگهبو، جڏهن به ڪا مخصوص شيءِ ڪنهن ڪمپني مان تيار ٿي نڪرندي ته ان مٿان سسٽم تحت هڪ مخصوص اسٽيمپ لڳل هوندي، جنهن ذريعي پتو پوندو ته اها شيءِ ڪمپني ۾ تيار ڪيل آهي يا جعلي آهي. رحمت الله وزير ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته تيار ٿيل مصنوعات تي هڪ خاص اسٽيمپ لڳل هوندو ۽ جڏهن به اها ڪنهن فيڪٽري مان نڪري گدام يا دڪان تي پهچندي ته ان ذريعي به خبر پئجي سگهندي ته جيڪڏهن ان فيڪٽري جي مصنوعات بنا ٺپي جي وڪامي رهي آهي ته ان جو مطلب آهي ته انهن چوري سان اهو ڪم ڪيو آهي ۽ ان ذريعي سندن خلاف قانوني ڪارروائي بعد عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ سالياني ٽئڪس چوري  تي ڳالهائيندي رحمت الله وزير چيو ته ان بابت مختلف ڪاٿا آهن، پر جيڪڏهن هر سال جمع ٿيندڙ ٽئڪس جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اها چوري 30 کان 40 سيڪڙو وچ ۾ آهي، هن وضاحت ڪندي چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ 4 هزار ارب رپين جو ٽئڪس جمع ٿيو ته ان لحاظ سان ڏٺو وڃي ته 30 کان 40 سيڪڙو يعني هڪ هزار کان 1200 ارب رپيا ٽئڪس گڏ نه ٿي سگهيو، جيڪو انفرادي ۽ڪاروباري سطح تي مختلف بهانن ۽ طريقن سان حڪومت جي خزاني ۾ جمع نه ڪرايو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ صرف 2000 ڪمپنين جو ٽئڪس ئي ڪل ٽئڪس جو 80 کان 85 سيڪڙو حصو آهي ۽ باقي ڪمپنيون ته مختلف طريقن سان ٽئڪس گڏ ڪرائڻ کان بچي وينديون آهن. ٽئڪس معاملن جي ماهر اشفاق تولا جي اندازي مطابق وڏين پيداواري ڪمپنين طرفان گهٽ ٽئڪس جمع ڪرائڻ جي ڪري قومي خزاني کي ساليانو 4 کان 500 ارب رپين جو نقصان ٿيندو آهي، ايف بي آر ترجمان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جن پيداواري شعبن ۾ اهو سسٽم لاڳو ڪيو پيو وڃي، انهن طرفان ٽئڪس چوري اربين رپين جي آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ٿيڻ سان انهن شعبن مان 5 کان 6 ارب رپيا وڌيڪ ٽئڪس گڏ ٿيندو ۽ اهو مستقبل ۾ 10 ارب رپين تائين وڃي سگهي ٿو.رحمت الله وزير ان سسٽم جي لاڳو ٿيڻ بابت ڳالهائيندي چيو ته اهو ڪو نئون منصوبو نه آهي پر ان تي گذريل 5، 6 سالن کان ڪم ٿي رهيو آهي، بدقسمتي سان ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي،  هن چيو ته ايف بي آر 4، 5 وڏن پيداواري شعبن ۾ ان سسٽم کي لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ وڏا پيدواري شعبا 50 کان وڌيڪ آهن، ان ڪري اهو چيو وڃي ٿو ته هي انهن 4، 5 شعبن سان امتيازي سلوڪ آهي، انهن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهو چون ٿا ته صرف اسان جن شعبن ۾ اهو سسٽم لاڳو ڪرڻ غلط قدم آهي، اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو ته سسٽم ته انتهائي سٺو آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا وڏا صنعتي شعبا اهو سسٽم پاڻ وٽ لاڳو ٿيڻ ڏيندا. اشفاق تولا ان سلسلي ۾ چيو ته ان سسٽم کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گهڻن سالن کان ڪم ٿي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته ٽئڪس ريفارمز ڪميشن ان سلسلي ۾ ورلڊ بئنڪ کان ٽرم آف ريفرنسز به ٺهرايا هئا، ان کانپوءِ ان تي ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي، وڏن پيداواري شعبن ۾ اهو سسٽم لاڳو ڪرڻ خلاف مزاحمت ۽ ان سسٽم جي ڪاميابي تي جڏهن ايف بي آر جي ترجمان کان پڇيو ويو ته هن چيو ته ايف بي آر ان سسٽم کي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، پاڪستان ۾ سگريٽ ٺاهيندڙ اداري پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني سان جڏهن رابطو ڪري سگريٽ جي پيداواري شعبي جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تحت اچڻ تي پڇيو ويو ته ڪمپني جي ترجمان مديح پاشا چيو ته جيڪڏهن ان سسٽم ذريعي ملڪ ۾ غيرقانوني سگريٽ جي خريد ۽ وڪري کي روڪي سگهجي ٿو ته اهو هڪ سٺو قدم هوندو، هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن فيڪٽري ۾ ٺهندڙ سگريٽ جنهن مٿان ان سسٽم تحت ٽيگ لڳل هوندو، اهو ئي قانوني هوندو ۽ هن چيو ته ڪنهن فيڪٽري ۾ ٺهندڙ سگريٽن جن مٿان ان سسسٽم تحت ٽيگ لڳل هوندو، اهو قانوني هوندو ۽ جيڪو بغير ٽيگ جي هوندو ان کي روڪي سگهبو، هي قانوني طور تي ڪم ڪندڙن ۽ حڪومت ٻنهي لاءِ سٺو هوندو. مديح پاشا کان جڏهن پڇيو ويو ته سندس ڪمپني ان سسٽم تحت پنهنجي پيداوار ۽ وڪري جو رڪارڊ ڪرڻ کي ڪيئن ڏسي ٿي ته هن چيو ته پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني هڪ لسٽڊ ڪمپني آهي ۽ ان کي ساليانو مالي گوشوارن ۾ سڀ ڪجهه ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ۽ ڪنهن ڳڙبڙ جو امڪان ان لاءِ به ناهي هوندو ڇو ته پرڏيهي ملڪ ان ڪمپني جي پيرنٽ ڪمپني کي پيداوار ۽ وڪري جي صحيح انگ اکر پيش ڪرڻ جي سخت هدايت هوندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو