جنيوا (ويب ڊيسڪ) يونيسيف چيو آهي ته ان جي اداري ۽ ايسٽرازينيڪا وچ ۾ صحت جي عالمي اداري جي ويڪسين پروگرام ڪوويڪس جي سهڪار سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن تحت 85 ملڪن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين فراهم ڪئي ويندي. گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسيف 85 ملڪن جي 170 ملين ڪورونا ويڪسين جون خوراڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ايسٽرازينيڪا سان معاهدو ڪيو آهي. يونيسيف مطابق ان اداري ۽ ايسٽرازينيڪا وچ ۾ صحت جي عالمي اداري جي ويڪسين پروگرام ڪوويڪس جي سهڪار سان ڄاڻايل معاهدو طئي ٿيو آهي. ان معاهدي تحت يونيسيف 85 ملڪن لاءِ 170 ملين ڪورونا ويڪسين جون خوراڪون 85 ملڪن کي فراهم ڪندو.
153